@ytuuixd889: #апвоутреддит #реддит #история #апвоут #redditstories #reddit

ytuuixd889
ytuuixd889
Open In TikTok:
Region: US
Saturday 17 February 2024 08:58:57 GMT
12830
358
1
2

Music

Download

Comments

sash9_sash9
Aleksandra :
У меня абсолютно не редеют волосы
2024-05-12 03:42:39
0
To see more videos from user @ytuuixd889, please go to the Tikwm homepage.

Other Videos

اُن ڏينهن کي ياد ڪندي اڄ به مُنهِنجي اندر ۾ هڪ اهڙي خاموشي لهي ايندي آهي، جيڪا نه لفظن سان ٽٽي سگهندي آهي ۽ نه ئي وقت جي ڊگهي سفر سان مِٽي سگهندي آهي. اوچتو تنهنجي ڪال آئي، مُون فون کنيو ته تُون ٿوري دير خاموش رهيئن، پوءِ ھلڪي آواز ۾  چيو ھو
اُن ڏينهن کي ياد ڪندي اڄ به مُنهِنجي اندر ۾ هڪ اهڙي خاموشي لهي ايندي آهي، جيڪا نه لفظن سان ٽٽي سگهندي آهي ۽ نه ئي وقت جي ڊگهي سفر سان مِٽي سگهندي آهي. اوچتو تنهنجي ڪال آئي، مُون فون کنيو ته تُون ٿوري دير خاموش رهيئن، پوءِ ھلڪي آواز ۾ چيو ھو"اڄ مُنهِنجي شادي آهي، ضرور اچجانءِ." تنهنجا اِهي چند لفظ مُنهِنجي دل تي ائين لهي آيا، جيئن ڪنهن ساوڻ جي مند ۾ اوچتو وڄ ڪِري پوي. اُن مهل مون کي اِهو احساس ٿيو ته قسمت ڪڏهن ڪڏهن انسان کان سڀ ڪجهه کسي وٺڻ لاءِ ڪنهن وڏي حادثي جي نه، رڳو هڪ جملي جي محتاج هوندي آهي. جڏهن آءُ تنهنجي گهر پهتس ته هر پاسي خوشين جا آواز هئا، هر چهري تي مرڪون هيون، هر اک ۾ نوان خوابن جي روشني هئي، پر اُنهيءَ ميڙ ۾ رڳو منهنجو ئي چهرو اهڙو هو، جنهن جي مُرڪ اندر جي ماتم کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي هئي. آءُ ماڻهن جي وچ ۾ بيٺو هئس، پر مُنهِنجي روح اڪيلائي جي اهڙي ريگستان ۾ ڀٽڪندو رهيو جتي ڪنهن آس جي ڇانوَ به موجود نه هئي. جڏهن توکي سينگاري ڪنوار جي روپ ۾ مُنهِنجي سامهون آندو ويو، تڏهن مُون کي محسوس ٿيو، مُنهِنجي سالن جون دعائون، مُنهِنجي سڀئي خواب ۽ مُنهِنجا سمورا ارمان هڪ ئي پل ۾ مون کان ڌار ٿي ڪنهن ٻي واٽ جا مسافر بڻجي ويا آهن. آءُ توکي ڏسي رهيو هئس، پر حقيقت ۾ آءُ پنهنجي قسمت جي آخري ورق کي بند ٿيندي ڏسي رهيو هئس. نيٺ اُهو لمحون به اچي ويو، جڏهن تنهنجو هٿ هميشه لاءِ ڪنهن ٻئي شخص جي هٿ ۾ ڏنو ويو. اُن مهل مُنهِنجي دل جي ڪيفيت لفظن جي حدن کان گهڻو اڳتي نڪري وئي هئي. ڪي تڪليفون بيان نه ٿينديون آهن، رڳو انسان جي اکين جي خاموشيءَ ۾ رهجي وينديون آهن. اُن گهڙي مون محسوس ڪيو ته ڪي ماڻهو جيئري هوندي به پنهنجي اندر دفن ٿي ويندا آهن. تنهنجي گهر مان واپس موٽندي مُنهِنجي ڪلهي تي ڪو سامان نه هو، پر يادن جو اهڙو بار هو، جيڪو اڄ تائين لهي نه سگهيو آهي. اُن ڏينهن کان پوءِ مُنهِنجي زندگيءَ ۾ نه ڪنهن خوشيءَ مستقل رهائش اختيار ڪئي، نه ئي ڪنهن خواب وري جنم ورتو. رڳو قلم مُنهِنجو ساٿي بڻجي ويو، ۽ آءُ هر رات پنهنجي دل جي خاموش زخمن کي لفظن جي صورت ڏئي ناڪام عشق جا داستان لکندو رهيس. شايد ڪي محبتون وصال لاءِ نه اينديون آهن، پر انسان جي اندر هڪ اهڙو ڪتاب لکي وينديون آهن، جنهن جو هر ورق ڳوڙهن سان لکيل هوندو آهي، ۽ جنهن جي آخري سٽ هميشه اڌوري رهجي ويندي آهي#fyp #trending #fypp #sindhisong #rajabfaqeer

About