@livesanghar: سانگهڙ ايس ايس پي جو سانگهڙ ٿاڻي جو دورو. پوليس اسٽيشن جو رڪارڊ چيڪ، مالخانو، لاڪ اپ چيڪ. ڪيسن جي ميرٽ تي جاچ، عمارت ۽ احاطي جي صفائي ۽ عوامي مسئلن جي حل تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايتون سانگهڙ: تفصيل موجب ايس ايس پي سانگهڙ اعجاز احمد شيخ سانگهڙ پوليس اسٽيشن جو دورو ڪيو.ايس ايس پي محرر آفيس جو رڪارڊ چيڪ ڪيو ۽ مال خانا جو معائنو ڪيو. آفيسرن ۽ اهلڪارن جي حاضري چيڪ ڪئي. ايس ايس پي ڊيوٽي تي موجود جوانن سان ملاقات ڪئي ۽ کين هدايت ڪئي ته اهي پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري ۽ فرض شناسيءَ سان ادا ڪن. دوري دوران ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ جاچ آفيسرن کي جاچ هيٺ ڪيسن جي ميرٽ تي جاچ جون هدايتون ڏنيون، ۽ ڪيسن ۾ اشتھاري ۽ روپوش جوابدارن کي فوري گرفتار ڪرڻ ۽ منشيات خلاف مهم تيز ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. هن چيو ته ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪيو وڃي ۽ شهرين جي جان و مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ چوري، ڦر، ڌاڙن ۽ ٻين ڏوهن جو فوري طور تي ڪيس داخل ڪيا وڃن ۽ منشيات فروشن خلاف ڪاروائي سخت ڪئي وڃي. دوري دوران ايس ڊي پي او سانگهڙ لونگ خان شر، ايس ايڇ او سانگهڙ گلزار علي مري، انچارج ڊي آءِ بي ۽ اڪائونٽنٽ پڻ موجود هئا.

Live Sanghar official
Live Sanghar official
Open In TikTok:
Region: PK
Thursday 13 June 2024 16:13:42 GMT
9978
492
4
1

Music

Download

Comments

nasimjokhio12
Nasim jokhio :
🌹🌹🌹
2024-06-18 16:43:45
0
sanaullahmagsi09
shahzada,khan123 :
🥰🥰🥰
2024-06-16 07:39:02
0
haqumalirind
haqumalirind :
🤗🤗🤗
2024-06-16 05:55:10
0
issaq10786
꧁༺ɨֆɦǟզ ǟɦʍɛɖ༻꧂ :
pakar kr uski taang kaat do
2024-06-16 05:25:02
0
To see more videos from user @livesanghar, please go to the Tikwm homepage.

Other Videos


About