@raeesteewno2: امر ثناءَ ذھن سُن ٿي چُڪو آھي هٿ ششي رهيا آھن… اڌوري محبت جي ڇوٿين لهر واري وبا ڏات مٿان حاوي بڻجي وئي آھي!! سفيد پنن جي قبرستان ۾ لفظن بنا ڪفن جي دفنائجي رهيا آھن ۽ خيال تخليق کي ڇُھڻ کان ڪيٻائي ڏورانهين پنڌ ڏانهن ڊوڙڻ لڳا آھن شايد وهم اٿن!!! متان هجر فراق جي گهيري ۾ جڪڙجي نه وڃئون! سانت ڀريون نگاهون اوسيئڙي جون آخري واٽون نهاري رهيون آھن ڪنن جي پاتال منجھ هُن جا ميٺاس سان ٽمٽار جملا جهيڻي آواز ۾ گونجي رهيا آھن ايئن لڳي رهيو آھي!! ڄڻ ڪائنات مونکان ۽ آئون ڪائنات لاءِ اوپرو هجان!! ايترو اوپرو… جو اردگرد جون رنگينون به منهنجي سڃاڻپ کان انڪار ڪري رهيون هجن!!! ۽ آئون رنگينن ۾ شامل ٿيڻ کان نٽائي رهيو هجان هي ٿڌڙيون ٿڌڙيون هيرون آب زم زم جا ڦڙا، وڏا وڏا ڏونگر، وڻن جو قطارون ندين ۽ آبشارن جا خوبصورت منظر سڀ پاڻ لاءِ اوپرا اوپرا هجن ۽ پاڻ انهن جو حصو هوندي به انهن لاءِ اوپرو هجان! زندگي چوواٽي تي الجهي وئي اٿم…!! هُو ڇا وڇڙي وئي آھي ڄڻ چهري جون ڪُل سندرتائون مرجهائجي ويون آھن کل ٽاهڙ پکي جيان چپڙن جي قيد خاني اندران اڏامجي وئي آھي!! من اندر خوشين رقص ڪرڻ ڇڏي ڏنو آھي جذبات ماٺار جي اُلڪي ۾ ٻوساٽجي رهيا آھن!!! ۽ آئون ششدڙ هٿڙن منجھ حسرتن جو مس وارو قلم کڻي وصال جي ڪاڳرن مٿان هُن جي واپس ورڻ جون سٽون لکي رهيو آھيان!! . . . . . . . . . . . . . .. . . . . . . . . . . . . . . #follower #viral#foryou#viralvideo#foryourpage#sindhipoerty#zulqarnain#unfrezzmyaccount#buhran_tv

رولاڪ ڇوڪرو❤🌓
رولاڪ ڇوڪرو❤🌓
Open In TikTok:
Region: PK
Saturday 17 August 2024 19:30:52 GMT
231
13
1
1

Music

Download

Comments

teerathkumar732
ST Barani :
🥰🥰🥰
2024-08-18 02:31:22
0
To see more videos from user @raeesteewno2, please go to the Tikwm homepage.

Other Videos


About