ڪڏهن ڪڏهن زندگي اهڙو موڙ وٺي اچي ٿي، جتي هر اميد ٽٽي ۽ هر رستو اونده ۾ لوچي پوي ٿو. انسان کي لڳي ٿو ته هاڻي ڪوبه رستو باقي ناهي، پر اصل ۾ اهو ئي آخري آزمائش هوندي آهي. ڪنهن چونڊ نه پر مجبوري هوندي آهي، جنهن دل رت روئي ٿي. وقت ايترو سخت ٿي وڃي ٿو جو انسان پاڻ کي مڪمل طور تي خالي محسوس ڪري ٿو. اهڙي وقت ۾ مايوسي دل ۾ جڳهه ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر هر تڪليف جي پٺيان ڪو سک، هر اونده جي پٺيان ڪا روشني ضرور هوندي آهي. انسان جي اندر صبر ۽ حوصلو لڪل هوندو آهي، جيڪو کيس هر ڀيري ڊاهي پوڻ کان بچائي ٿو. زندگي ۾ جڏهن سڀ دروازا بند ٿين ٿا، تڏهن به هڪ دروازو کليل هوندو آهي ـ اهو ئي انسان جي اصلي طاقت هوندي آهي. انسان جي سڀ کان وڏي بهادري اها آهي ته هو نااميدي جي وچ ۾ به اميد جي جوت جلائي رکي. آخري آزمائش ئي آخري فتح جو رستو بڻجي ٿي. جدوجهد ۽ صبر انسان جي وجود کي نئين شروعات ڏانهن وٺي وڃي ٿو. دل جي هر تڙپ، هر تڪليف آخرڪار روشنيءَ۾ بدلجي ٿي، ڇو ته نااميديءَکان پوءِ ئي نئين زندگي شروع ٿيندي آهي.
-مشتاق اڄڻ ❤️