@gaixinh09072: Thèm đi biển quá🤤#xuhuong #fyp #viral #capcut

Móc🦋Ra💦
Móc🦋Ra💦
Open In TikTok:
Region: VN
Sunday 16 November 2025 18:03:00 GMT
1991
173
3
7

Music

Download

Comments

dyj3h6bw7bag
e đi xa wá :
🥰🥰🥰
2025-11-16 18:15:56
0
hlaing.myo.htun18
Hlaing Myo Htun :
😘😘😘
2025-11-17 00:57:29
0
1980jorge1
Juan :
❤️❤️❤️
2025-12-09 03:28:42
0
To see more videos from user @gaixinh09072, please go to the Tikwm homepage.

Other Videos

Writer 📝 @زھراء۔   محبت ۾ بار بار ڌوڪو مليو عشق جا قول ڪري قرآن جا قسم کڻي به بار بار م​ڪرجي ويو… بخاري! @Syed Azan Shah  توھان کي بہ تہ عشق آھي مونسان پوء ڇو زخم جي مٿان زخم ڏیو ٿا دل واري ماڻھون سان ائین نہ آھي ڪبو آخر ايتري به ڪهڙي بي حسي آهي جو ڪو انسان ڪنهن جي دل کي بار بار ايڏي اذيت ڏئي سگهي ٿو؟ مون ته توسان ستن سالن تائين سچي نيت، خلوص ۽ وفاداريءَ سان محبت ڪئي هئي. توکي پنهنجي دعائن ۾ گهريو، پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏني ۽ تنهنجي هر واعدي تي اعتبار ڪيو چڱو، مڃان ٿي ته انهن ستن سالن ۾ مون کان به ڪيتريون ئي غلطيون ٿيون هونديون، پر مون پنهنجي غلطين کي محسوس ڪيو، پاڻ کي سڌاريو ۽ ڪافي وقت کان پنهنجي هر ا​ن ڳالهه کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا توکي ڏکوئيندي هئي. پر افسوس! تو وري به ساڳيون غلطيون ورجايون، ساڳيا واعدا ٽوڙيا ۽ ساڳي اذيت منهنجي حصي ۾ وڌي. هڪ ڌڪ جو درد اڃا تائين دل مان نڪتو ئي نه هو، جو تو ٻيو ڌڪ ڏئي ڇڏيو. آخر مان به ته انسان آهيان، منهنجي اندر به هڪ دل آهي، جيڪا محسوس ڪري ٿي، جيڪا ڏکي ٿي، جيڪا تنهنجي هر بي وفائيءَ تي خاموشيءَ سان ٽٽي ٿي. ڪڏهن اهو سوچڻ جي به ڪوشش ڪئي اٿئي ته مون کي ڪيترو درد ٿيندو هوندو؟ ڪڏهن منهنجي محبت جي قدر ڪرڻ جو خيال آيو اٿئي؟ ڪڏهن منهنجي جذبن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿئي؟ تون ته مون کي اذيت ڏئي، منهنجو سڪون ڦري، پاڻ آرام سان سمهي پوندو آهين، پر مون کي تنهنجي هر ڳالهه، هر واعدي ۽ هر رويي جو خيال راتين جو جاڳائيندو رهي ٿو. هاڻي ته رات به مون کي سڪون جي ننڊ نٿي ڏئي. اندر ۾ اهڙي بيچيني آهي، ڄڻ درد جو ڪو طوفان دل اندر لڳاتار اٿل پٿل ڪري رهيو هجي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان ته آخر پنهنجي اندر جو هيء​ درد ڪنهن کي ٻڌايان؟ جيڪڏهن ڪو پڇي ته ڇا ٿيو آهي، ته مان پنهنجو حال ڪيئن بيان ڪري سگهنديس؟ خدا شاهد آهي، منهنجي اندر ۾ ايترو درد گڏ ٿي ويو آهي، جو هاڻي لفظ به ساٿ نٿا ڏين. منهنجي خاموشيءَ کي بي حسي نه سمجهجانءِ، شاهه صاحب! مان خاموش ضرور آهيان، پر منهنجي اندر ۾ هزارين دانهون آهن. منهنجون راتيون منهنجي اکين جي اوجاڳن جون شاهد آهن ۽ منهنجو خدا منهنجي هر ان سڏ جو گواهه آهي، جيڪو مون تنهنجي محبت ۾ ڪري، پنهنجي رب اڳيان لڙڪن سان ڪيو آهي. مون توکان ڪڏهن ڪا وڏي دولت نه گهري هئي، نه ڪا اهڙي شيءِ جيڪا تنهنجي وس کان ٻاهر هجي. مون کي رڳو سچائي، وفاداري، عزت ۽ پنهنجي محبت جي سڃاڻپ گهرجي هئي. ست سال ڪا معمولي مدت ناهي، شاهه صاحب! ستن سالن ۾ انسان ڪنهن کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻائي وٺندو آهي. ۽ جڏهن اهو ئي انسان بار بار ڀروسو ٽوڙي، ته پوءِ دل کي سنڀالڻ ڪيترو ڏکيو ٿي پوي ٿو، اهو شايد لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. اڄ به منهنجي دل ۾ تنهنجي لاءِ محبت کان وڌيڪ تنهنجي بدليل رويي جو درد آهي. مون کي رڳو اهو ڏک رهندو ته جنهن انسان کي مون پنهنجي سچي نيت سان چاهيو، تنهن منهنجي محبت جي سچائيءَ کي ڪڏهن سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي. منهنجا سڀ سڏ، سڀ سسڪيون ۽ سڀ لڙڪ منهنجي رب وٽ امانت آهن. هو ڄاڻي ٿو ته مون ڪيتري سچائيءَ سان توسان محبت ڪئي هئي. شايد منهنجي محبت جو سڀ کان وڏو ڏوهه اهو ئي هو ته مون توکي پنهنجي دل ۾ تنهنجي سوچ کان به وڌيڪ اهميت ڏني. ۽ اڄ به دل ۾ هڪ ئي سوال آهي: ڇا ڪنهن سان ايتري محبت ڪرڻ کان پوءِ به کيس ايتري اذيت ڏيڻ ضروري هوندو آهي؟ ايتري تڪليف کان پوء به توسان محبت آهي بخاري آخري ساھ تائين توسان عشق رھندو منھنجو😭💔 #ForYou #FYP

About