@blackboy86524: شام جي پھر ۾ سج جون آخري ڪرڻو جبلن جي وچ مان ھزارين ميل سفر ڪري جڏھن منھن تي پيون تنھنجون آخري چميون گرم ڪرڻ لڳيون، انھن کي محسوس ڪرڻ لاء تنھنجي پسنديده ڪاوڙ کي ڪڍيو جيئن توکي ھر روپ ۾ ڏسان، ڇو جو ڪاوڙ ۾ اڃان بہ پياري لڳندي ھوئين، ان کي تيلي ڏني ۽ باھ سان زنده ڪيو ان وقت ھٿ ۾ سگريٽ ۽ دل ۾ تون ڄڻ زندگي جو خوشي واري لمحن سان گڏ مايوسي وارا احساسات بہ ساڻ ھيا ڪاش تون ان وقت مونسان گڏ ھجين ھا ڪاش ان وقت اھي چمشيون سج جي تپش تي نہ پر تھنجي چپ ڦيرائڻ سان محسوس ڪيان ھا... مُحبت وڃائجي وڃي ته ماڻهُو مرندو ناهي، پر جيئڻ جو انداز بدلجي ويندو آهي. پوءِ هر ڏينهن پاڻ کي خوش ڏيکارڻ جو ناٽڪ ڪرڻو پوندو آهي. اِها اداڪاري ئي ته حَسين دوکو آهي، جنهن کانسواءِ هِن زندگيءَجو ڏيک به نٿو جُڙجي.