@abdul.wahid.arisa: اهو آريسر جنهن لاءِ بلوچ چوندا ها ته اسان وٽ الله نظر ته آهي پر آريسر ڪونهي.! اهو آريسر جنهن کي شيخ اياز چوندو هو ته منهنجي اچڻ تائين تقرير نه ڪجان.! اهو آريسر جنهن کي "سياست جي صحرا" ڪتاب ۾ لطيف جمال سنڌ جو ديوداس سڏيو آ جنهن جي پارو پوڙهي سنڌ هئي.! اهو آريسر جنهن لاءِ نصير مرزا لکي ٿو ته پنج وقت جي نماز کانپوءِ باقي وقت تسبيع تي رڳو سنڌ سنڌ ۽ سنڌ جي آجپي جو وظيفو پڙهندو هو.! اهو آريسر جنهن لاءِ اياز گل لکيو هو ته ٽن مهمانن کي ٽِڪائڻ لاءِ وٽس ٽي کٽون ته ڪون هيون پر سندس دل جو اڱڻ ڪيڏو نه ڪشادو هو جنهن ۾ سڄي سنڌ ٽِڪي پئي هئي.! اهو آريسر جنهن انٽرويو ۾ چيو هو ته منهنجي زندگيءَ ۾ خوشيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڏينهن اهو هوندو جڏهن حيدرآباد جي قلعي مٿان سنڌو ديش جو جهنڊو جهولندو ۽ زندگيءَ جو ڏک ڀريو ڏينهن اهو هوندو جڏهن سائين جي ايم سيد وفات ڪندو.! ڪيڏو نه ڪمال جو ماڻهو هيو جو سندس خوشين ۽ ڏکن جا ڏينهن به قومي هئا.! اهو آريسر ڪيڏو نه چريو هو جنهن کي برسات رسالي ۾ لکڻ جو معاوضو جڏهن ڏھ هزار مليو ته حيرت ۾ اچي ويو ۽ چيائين ته ڄڻ قارون جو خزانو مليو هجي، پوءِ عمر ڪوٽ ۾ پاڻ کان غريب قومي ڪارڪنن کي پنج پنج سو ڏئي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مارڪيٽ مان گوشت وٺي گهر ويو.! اهو آريسر هو جنهن ايترو ٽارچر برداشت ڪيو هو جيترو الجزائر جي علي هينري ۽ فلسطين جي ليلا خالد.! اهو آريسر ئي هو جنهن کي هڪ دفعي ايجنسين وارا حيدرآباد ٻاهران اگهاڙو اڇلي ويا ها پر پوءِ به هو خليفي نبي بخش جي سٽ جو مفهوم لڳندو هو ته ويا اڏامي ڪک، پڙ تان پهڻ نه چري.! اهو آريسر سنڌ جي آزادي ۽ مفادن خاطر مسقل آبادين جي وچ ۾ ايترو تہ اتحاد جو حامي هو جو چوندو هو ته منھنجي ڪن ۾ آسمان تان ملائڪ لهي اچي چون تہ سنڌين ۽ مهاجرن جي جهيڙي ۾ ثواب آهي ته آئون ان جو انڪار ڪندس.! ڀلا وطن جي آزادي ۽ مفادن خاطر اهڙو انڪار نه ڪري ته ڀلا ٻيو ڇا ڪري.؟ پر هن سنڌ خاطر سڀئي انڪار ڪيا ها.! هن سنڌ خاطر سڀ سختيون محبوب پاران ڏنل چميون ڀانيون هون.! هو جيڪو چوندو هو ته گانڌيءَ پنهنجي زندگيءَ م هڪ دفعي پنهنجي زال کي ڌڪو ڏنو هو پر آئون اهو به ناهيان ڪري سگهيو.! هو جيڪو ٻڪريءَ جي ٿڻن مان زور سان کير ڏهڻ کي به تشدد سمجهندو هو.! هو جنهن نهروءَ جي ڌيءَ جو نالو پنهنجي ڌيءَ تي رکيو هو پر نهروءَ جي ڌيءَ اسيمبلين تائين پهتي ۽ آريسر جي اندارا ديوي ٻٻرن جي هيٺ پڙهي ۽ اڄ به اوڏڻ بڻجي مٽيءَ جا پنوڙا ٺاهي گهر جي اوگهڙ ٿي ڍڪي.! اڄ آئون آريسر تي لڳل دلاليءَ جا داڳ ڳوڙهن سان ڌوئي رهيو آهيان ۽ جي ايم سيد جي دعا ورجايان ٿو جيڪا دعا سائين جي ايم سيد آريسر لاءِ گهري هئي تہ يا خدا آريسر کي لوسين ڦوسين کان پناه ۾ رکجان.!!#foryou #foryou #

Abdul wahid.arisar
Abdul wahid.arisar
Open In TikTok:
Region: PK
Thursday 30 April 2026 08:13:22 GMT
650
170
61
44

Music

Download

Comments

comrade07145
comrade Jai mathrani :
تمام بترين يار پڙھي ڏاڍو ڏک ٿيو پر آريسر صاحب جون سنڌ جي لائي قربانيون الله سائين سان دعا آھي ته آريسر صاحب جيڙو ليڊر وري اچي ✌💕
2026-08-05 19:47:49
0
ahmed.khan5531
احمد خان آريسر🔱 :
Sain Mehboob❤ ✌🏻
2026-04-30 08:26:59
0
kami2rao
Kamran rajput :
Allah sain maghfirat fermay
2026-05-01 01:08:57
0
hussainali.arisar
Hussainali Arisar :
🥰🥰🥰
2026-06-15 06:10:48
0
sifullah.halepoto
Sifullah Halepoto :
♥️♥️♥️
2026-06-10 10:05:50
0
ameerarisarqadri
Ameer Arisar Qadri :
❤️❤️❤️
2026-05-18 09:55:50
0
meermarisser1
meer🌹m🌹aarisar :
♥️♥️♥️
2026-05-12 01:23:24
0
majed.arisar
Majed Arisar :
🥰🥰🥰
2026-05-11 09:02:05
0
majed.arisar
Majed Arisar :
👌👌👌
2026-05-11 09:02:05
0
wasayoariar6
WASAYO ARISAR :
🌹🌹🌹
2026-05-10 14:38:58
0
wasayoariar6
WASAYO ARISAR :
🥰🥰🥰
2026-05-10 14:38:56
0
saddam.arisar
Saddam Arisar :
🥰🥰🥰
2026-05-06 13:40:10
0
sajjad.ali.arisar4
ڪامريڊ ✌ :
🥰🥰🥰
2026-05-05 17:38:38
0
azhararisar4
اظهر 💥 :
🥰🥰🥰
2026-05-04 05:02:13
0
niazahmedarisar
𝐍𝐢𝐚𝐳 𝐀𝐥𝐢 𝐀𝐫𝐢𝐬𝐚𝐫 :
❤️❤️❤️
2026-05-03 12:45:27
0
hashimkham009
Hashimkhan :
❤️❤️❤️
2026-05-02 23:51:44
0
user212012625
Abdul Sattar :
♥️♥️♥️♥️♥️♥️♥️💖💖💖💖💖💖💖💕💕💕💕💕💕💕💗💗💗💗💗💗💗💞💞💞💓💓💓💓💓🩷🩷🩷🩷🩷🩷🩷🩵🩵🩵🩵❤️❤️❤️❤️❤️❤️❤️❤️✌️✌️✌️✌️✌️✌️✌️✌️✌️✌️✌️✌️✌️✌️✌️✌️✌️✌️✌️✌️🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹
2026-05-02 13:47:05
0
zubair.arisar39
Zubair Arisar :
🥰🥰🥰
2026-05-02 13:32:13
0
user212012625
Abdul Sattar :
💓💓💓💓💓💓💓💓💓💓
2026-05-02 13:30:28
0
asgharareesar
اصغر علي :
🖤🖤🖤❤️🧡❤️
2026-05-02 10:14:46
0
sajidaliarisar445gmail.c
Sajid ARISAR985 :
❤️❤️❤️
2026-05-02 06:01:38
0
reiaz.ali.sahto
Reiaz Ali Sahto :
💞💞💞
2026-05-01 16:07:08
0
younisaliarisar5
A R I S A R :
❤️❤️❤️
2026-05-01 07:14:02
0
ukaccounthaneefarisar
Haneefarisar Haneefarisar :
🥰🥰🥰
2026-05-01 04:54:55
0
farmanbughio03
Far〽️an☠️Bughio🔥✌️ :
💞💞💞
2026-04-30 08:25:31
0
To see more videos from user @abdul.wahid.arisa, please go to the Tikwm homepage.

Other Videos


About