@syed.zada.sain1: اڄ تنهنجي نڪاح جو ڏينهن آهي، ۽ مون لاءِ قيامت جي رات… اڄ تنهنجي هٿ ۾ ڪنهن ٻئي جو هٿ آهي، ۽ منهنجي هٿ ۾ فقط تنهنجو آخري خيال. تون دل سان پئي دعا گهري، ۽ مان دل ئي دل ۾ تنهنجي نالي جون دعائون ختم ڪري ويٺو آھيان… ڇو ته جنهن لاءِ دعائون گهريون، اُهو ئي ڪنهن ٻئي جي تقدير بڻجي ويو. تون ساڄي هٿ سان نڪاحنامي تي صحيح پائيندين، ۽ مان انهيءَ ساڄي هٿ سان تنهنجو نالو پنهنجي سينو مان لاهيندس… نه وساريندس، پر دفن ڪري ڇڏيندس، ان جاءِ تي، جتي اڳي هر رات تنهنجا سپنا هئا. تون سڀني جي اڳيان مُرڪندي بيهندين، ۽ مان سڀني جي نظرن کان لڪو لڪو روئيندس، ڇاڪاڻ ته توکي وڃائڻ جو درد، اڪيلائي ۾ ئي سهي سگهان ٿو، نه ته روئڻ به سڏڪن سان ٿيندو، ۽ سڏڪا سڀني کي ٻڌائيندا ته "محبت رُلي وئي آهي." تنهنجي نڪاح جو ڏينهن، مون لاءِ ان قبر وانگر آهي، جنهن ۾ مان جيئرو دفن ٿيس، ۽ صرف تن يادگيرين جي آواز سان پيو ساهه کڻيان… مون سوچي ورتو هو ته تون منهنجي ٿيندين، پر قسمت وٽ قلم هو، ۽ اُن قلم سان تنهنجي نصيب جو نالو ڪو ٻيو لکجي ويو. نه سُڻائيندس، نه روڪيندس، بس دعائن سان موڪليندس، ڇاڪاڻ ته محبت جيڪڏهن سچي هجي، ته اها جدائيءَ وقت به بددعا نه ٿي ڪري. اڄ مان تنهنجي لاءِ خوشيون گهري رهيو آھيان، جن خوشين لاءِ پاڻ کي وڇوڙي جي باهه ۾ ساڙي ويٺو آھيان. خدا توکي هر لمحي ۾ خوش رکي، ۽ جيڪڏهن ڪڏهن به رات جي اونداهيءَ ۾ منهنجو نالو دل ۾ اچي، ته نه شرمندگي، پر فقط محبت سان محسوس ڪجان ڇو ته مان اڃا به تنهنجو آهيان، رڳو تنهنجي نڪاح جي ڏينهن کان پوءِ، خاموش ٿي ويو آھيان… #سنگت_ویڈیو_وائرل_کریسو_آپ_ہیں🥀🌼🙈✨ #سنگت_ویڈیو_وائرل_کریسو_آپ_ہیں🥀🌼🙈✨🎇 #سنگت_ویڈیو_وائرل_کریسو_آپ_ہیں #fسنگت_ویڈیو_وائرل_کریسو_آپ_ہیں🥀🌼🎇 #سنگت___لائک___شیئر___کریسو

💔🥹🥀شـــاھ جـي🥀🥹💔
💔🥹🥀شـــاھ جـي🥀🥹💔
Open In TikTok:
Region: PK
Sunday 17 May 2026 16:05:16 GMT
3508
537
9
10

Music

Download

Comments

manzoorsoomro152
سادو ماڻهوَ 💫✨🔥 :
🥰🥰🥰
2026-05-18 05:10:43
1
mixvedio33
𝗙𝗼𝘇𝗶𝗮 𝘀𝗼𝗻𝗴𝘀 🎶 :
🥰🥰🥰
2026-05-17 16:25:15
1
ghulam.nabi6840
Ghulam Nabi :
🥰🥰🥰
2026-05-18 12:23:07
1
barkat.ali2121
BARKAT ALI :
🥰🥰🥰
2026-05-17 16:13:58
1
hazarkhan757
haزarkhan :
♥️
2026-05-18 07:29:31
1
hazarkhan757
haزarkhan :
♥️♥️♥️
2026-05-18 07:29:34
1
shayanshar18
𝙎𝙃𝘼𝙔𝘼𝙉 𝙎𝙃𝘼𝙍 :
💖💖💖
2026-06-10 15:56:02
1
mrmehtab115
⚔️GeO 🚩ComRaDe✅⚠️⚔️ :
🥰🥰🥰
2026-06-12 17:50:30
1
aliraza.jagirani20
AliRaza Jagirani :
❤️❤️❤️
2026-06-28 17:36:27
1
To see more videos from user @syed.zada.sain1, please go to the Tikwm homepage.

Other Videos


About