@sulemankunbherr: زندگي جا رستا تمام عجیب آهن ڪڏهن اهي انسان كي خوشین ۽ سهڻن ماٹھن سان ملائین ٿا ته ڪڏهن اهڙن ماڻهن سان به روبرو ڪرائین ٿا جيڪي صرف مطلب لاءِ ساٿ ڏین ٿا ڪيترائي ماٹھو زندگي ۾ اچن ٿا ڪجهه دل جي ويجهو ٿي وڃن ٿا ۽ ڪجهه بنا ٻڌائڻ جي وچ رستي ۾ ئي ڇڏي هليا وڃن ٿا انسان سمجهي ٿو ته شايد هاڻي منزل ملي ويندي، پر وقت ثابت ڪري ٿو ته هر گڏ هلندڙ ماٹھو سچو همسفر نه هوندو آهي. ڪڏهن منافقت ڪڏهن مطلب ۽ ڪڏهن حالتن سبب ڪيترائي خواب گالهیون اڌوريون رهجي وڃن ٿيون، پر پوءِ به زندگي اڳتی هلڻ جو نالو آهي، ڪنهن جي زندگي مان ڪنهن ماڻهو جو هلي وڃڻ زندگي کي روڪي نٿو سگهي. ڪم به هلندا رهن ٿا ماٹهو به ملندا رهن ٿا وقت به بدلجندو رهي ٿو ۽ زندگي پنهنجو سفر جاري ركندي آهي، ڪي ماٹھو تنها رستن تي ملن ٿا ته ڪي سفر جي وچ ۾ ساٿ ڏئي اوچتو هليا وچن ٿا پر ڪنهن جي وڃڻ سان زندگي ختم نه ٿيندي آهي وقت انسان کي اهو سيکاري ٿو ته هر اچڻ وارو همیشه رهڻ لاءِ ناهي هوندو. ڪڏهن ڪجهه وڇوڙا اهڙا هوندا آهن جن تي انسان جو ڪو اختیار ناهي هوندو، ڇو ته اهي قدرت جا اهڙا فيصلا هوندا آهن جيڪي انسان جي اختيار كان ٻاهر ۽ بيحد انمول هوندا آهن #foryou #fyp #rajabfaqeer #sindhisong #viral