@blackboy0089: ڪنھن شرابن طھورا لاءِ تسبيح پڙھي ڪنھن انگورن جي لالچ تي سجدا ڪيا ڪو لائق عبادت سمجھي جُھڪيو ڪنھن جَھنم جي دڙڪن کان خُطبا چَيا مون به چاهيو ته مان تنھنجو نالو وٺان تنھنجي تسبيح پڙھان توکي هر هر جُھڪان. پر منھنجي مقدر ۾ اهڙي هئي نوڪري تنھنجي سجدي ڪرڻ جي نه مُھلت مِلي مان جي توکي جُھڪيس پئي ته منھنجا ٻچا روز گوڏا وجھي پيٽ ۾ ٿي سُتا پوءِ به مونکان پڇين ٿو؟ مان حاضر آھيان اي خدا، اي خدا، اي خدا، اي خدا..!! مان زماني جون سَنگريز راهون رُليس ۽ حياتي سڄي ڊوڙندو ئي رهيس مونکان منزل هميشه ڪنارا ڪيا وقت جي ڀِيڙ ۾ مُفت ماريو وَيُس منھنجي نيڻن جي مقتل ۾ عصمت ڪُٺي منھنجي دل جو مدينو ٿي ويران ويو منھنجي عزت جي ڪعبي کي ڊاٿو ويو منھنجو معصوم بيوس برادر ڪُٺو منھنجي بابُل کي رستن تي گِھِليو ويو منھنجي ڀيڻن جي عصمت کي لُٽيو ويو منھنجي مادر جو ڪوئي سھارو نه ٿيو منھنجو جيون ۾ ايڏو ٿي نقصان ويو مان زماني جا زندان ڪاٽيو اچان پوء به مونکان پڇين ٿو مان حاضر آھيان اي خدا، اي خدا، اي خدا، اي خدا..!! منھنجي قسمت جا ڪاتب ذرا غور ڪر منھنجي عَملن جي بيشڪ ڀلي تور ڪر منھنجي پورهيت هٿن جو پڙھي فلسفو پوءِ جي چاهين تون مونکي پنھنجو چور ڪر مون هَرَن کي هلائي ڪيا حج پئَي مون زمينن کي کيڙي زڪواتون ڏنيون تنھنجو ھاري به مان تنھنجو پورهيت به مان پوءِ مونکان پڇين ٿو مان حاضر آھيان اي خدا، اي خدا، اي خدا، اي خدا! مون عبادت گهرن مان کنيا لاش ھئا منهنجا مُصٓلن تي ڪُسجي ويا وشواسٓ هئا جهُور پوڙھن ڪلهن تي جنازا کڻي دفن دل ۾ ڪيم جي منهنجي آس هئا تن جي قبرن تي چادر گلابي وجهي مند مون لاء هرڪا خزان ٿي وئي تن جي صدمن زخمٓ جيءٓ کي ايڏا ڏنا جن جو ''مرهم'' صدين کان پيو ڳولهيان اڃان حال منهنجو سڄو توکي معلوم آه پوء به جي تون پڇين ٿو ته حاضر آھيان اي خدا اي خدا اي خدا اي خدا ! #foryou #foryoupage #fyp

Blackboy
Blackboy
Open In TikTok:
Region: PK
Wednesday 27 May 2026 02:26:54 GMT
17250
2490
73
112

Music

Download

Comments

lelemaza05
. :
geo ladla ❤️
2026-07-05 20:29:42
2
zaheerabbass1917
Zaheer :
Caption
2026-07-05 12:59:48
1
meergm07
MeeR Ghulam Mustafa Charo ⛎ :
bro plz caption ♥️🙏🏻
2026-06-29 13:08:05
1
meerabidhussian
A ❤❤💯 :
جيو دشي جيو ✌✌✌✌💞💞💞
2026-05-28 02:05:21
1
aly_ahmed7894
Ali Ahmed :
inbox kayo poetry eha plz
2026-05-27 21:58:27
2
riaz_khoso1
Riaz_khoso :
Hayee😓💖
2026-06-02 12:22:40
1
armemon31
@꧁༒☠پنھون جان ميمڻ☠︎༒꧂: :
wah
2026-07-01 07:54:57
1
shoroakash
آڪاش_شورو💗 :
geOOOOOO💗
2026-06-25 13:44:02
0
lelemaza05
. :
caption
2026-07-05 20:29:57
2
hansrajsain61
🫀🔥ھنسراج اڻکيو🔥🫀 :
Geo sindu desh🙏🙏🙏🙏😳😳
2026-06-06 17:54:58
1
fayaz.hamaity4
Fayaz Hamaity :
♥️♥️♥️
2026-05-28 07:43:30
1
aii.riaz8
ریاض :
🥰🥰🥰
2026-05-28 06:15:33
1
ubedullahsindhi49
Ubedullah sindhi ♥️ :
♥️♥️♥️
2026-05-28 10:07:25
1
sindhudesh471
سندھو دیش 🚩🚩 :
❤️❤️❤️
2026-05-28 02:22:48
1
mumairkalwar
🦋⍣⃝Umair🕊^*°باغی⛓️🚩🖤 :
🥰🥰🥰
2026-05-27 03:09:03
1
sindhudesh471
سندھو دیش 🚩🚩 :
🥰🥰🥰
2026-05-28 02:22:06
1
wdsindhi2
Rajbeer ✌️ :
✌️✌️✌️
2026-05-27 18:15:00
1
ghzbaloch
GH`Z Baloch :
🌹🌹🌹
2026-05-27 18:34:16
1
waheed1605
Waheed Baloch :
👍👍👍
2026-06-26 04:56:13
1
sad___boy...542464
Lal Sundar Maheshwari :
😳😳😳
2026-06-28 18:13:38
1
sajidalishaikh094
ساجد علي :
✌✌✌
2026-06-27 10:59:17
1
sindhialirazasharjui
Jui AliRaza shar :
💔💔💔
2026-06-29 06:21:40
1
murtazanizamani95
Murtza nizamani 💕💕💕💕 :
💖💖💖
2026-06-27 16:19:35
1
murshadmaraimrankhan804
dostali 804 PTI. 🇧🇫🫶 :
💕💕💕
2026-07-06 05:31:52
1
roshan.ali.chandi4
Roshan Ali Chandio Sahib🥰🥰🥰 :
🥰🥰🥰
2026-05-27 06:22:52
0
To see more videos from user @blackboy0089, please go to the Tikwm homepage.

Other Videos


About