@rajputsingh3301: موت در تي بيٺو هو، پر محبت اڃا به سندس هٿ نه ڇڏيو هو ,ڪينسر جي آخري اسٽيج تي پهتل اها نوجوان ڇوڪري اسپتال جي بستري تي ليٽي زندگيءَ جا آخري ساهه ڳڻي رهي هئي. ڊاڪٽرن جواب ڏئي ڇڏيو هو، دوائن جي اثر کان وڌيڪ هاڻي دعائن جو آسرو هو. گهر وارن جون اکيون روئي روئي سُجي ويون هيون، پر ڇوڪريءَ جي دل ۾ هڪڙي ننڍڙي حسرت اڃا به جيئري هئي " دلھن بڻجڻ جي حسرت." هن ڪيترائي خواب ڏٺا هئا؛ شاديءَ جا، نئين گهر جا، خوشين سان ڀريل ايندڙ ڏينهن جا. پر قسمت شايد سندس نصيب ۾ مختصر زندگي لکي هئي. جڏهن سندس محبوب کي اها خبر پئي ته شايد هاڻي وقت تمام ٿورو بچيو آهي، تڏهن هن بنا ڪنهن هٻڪ جي چيو: "جيڪڏهن زندگي گڏ نه گذاري سگهنداسين، ته به مان توکي پنهنجي نالي سان دنيا مان رخصت ڪندس." اسپتال جو ڪمرو اوچتو شاديءَ جي محفل بڻجي ويو. بستري ڀرسان ڊرپ اسٽينڊ ۾ لڳل ڊرپون، مشينون ۽ دوائن جون بوتلون به ڄڻ خاموشي سان اهو منظر ڏسي رهيون هيون. ڇوڪريءَ جي ڪمزور چهري تي هلڪو سينگار ڪيو ويو، سندس مٿي تي دوپٽو رکيو ويو، ۽ سالن کان دل ۾ سانڍيل خواب اکين آڏو حقيقت بڻجي ويو. نڪاح جا لفظ گونجيا ته ڇوڪريءَ جي اکين مان ڳوڙها وهي پيا. اهي ڏک جا نه هئا، اهي ان خوشي جا ڳوڙها هئا، جيڪا کيس موت کان ڪجهه لمحا اڳ نصيب ٿيا هئا . سندس محبوب به روئي رهيو هو، ڇو ته هن کي خبر هئي ته هيءَ شروعات نه، پر هڪ خوبصورت محبت جي آخري باب جي لکڻي آهي. شاديءَ کان پوءِ ڇوڪري پنهنجي مڙس جو هٿ مضبوطيءَ سان جهليو ۽ مرڪندي چيو: "هاڻي مون کي ڪا حسرت ناهي..." ۽ شايد محبت جي سڀ کان وڏي فتح به اها ئي هوندي آهي، جڏهن ڪو انسان پنهنجي آخري لمحن ۾ به مسڪرائي سگهي. ڪجهه ڪهاڻيون شاديءَ کان پوءِ شروع ٿينديون آهن، پر ڪجهه محبتون اهڙيون به هونديون آهن، جيڪي شاديءَ جي لمحي تي ئي امر ٿي وينديون آهن...! 💔🥀 #sadreels #viralreelschallenge #follower #millionviewsreels #dontunderreviewmyvideo