@dreamy2k005: انسان وڏو نه شڪرو آهي پڪن گهرن ۾ وهي ڪري گاڏين ۾ گُهمي ڪري پوء به چوي ٿو آئون غريب آهيان مون وٽ هي ڪونهي هو ڪونهي شڪر پاڻ ڪڏهن به ناهيون ڪندا پاڻ هميشه اڳيان وارن کي ڏسندا آهيون پويان ناهيون ڏسندا ته پويان به ماڻهون آهن ڪيئن هلن پيا ڪيئن جيئن پيا ڇا کائن پيا ڪٿي رهن پيا انهن جي زندگي ڪيتري ڏکي آهي پاڻ ته لکين ماڻهن کان بهتر زندگي گذاريون پيا الاهي ڪيترا ماڻهون ٻن وقتن جي ماني لاء پريشان آهن سڄو ڏينهن ڪمائن ٿا بس ٻه وقت جي ماني لاء ء هتي اسان کائي اڌ بچائي اڇلايو ڇڏيون پڪن گهرن ۾ رهون گاڏين ۾ هلون پوء به نه شڪري نٿي وڃين انسان سوچي ته الله سائين معذوري کان بچايو آهي هٿ پير سهي سلامت ڏنا اٿس ماء پي زنده آهن ته اوهان دُنيا جا سڀ کان امير انسان آهيو نه شڪري ۾ً مايوسي ۾ انسان پنهنجي هي زندگي به وڃائي ٿو ء آخرت به ان لاء انسان کي هميشه هر حال ۾ شڪر ڪرڻ گهرجي ء غريبن جي مدد ڪرڻ گهرجي کپي توهان سو حج ڪيو مگر پاڙي ۾ ڪو غريب بکي پيٽ ستو آهي ته توهان جا حج ڪنهن ڪم جا نه ٿيندا فرسٽ آف آل غريبن جي مدد ڪيو الله جي خلقيل بندن جي مدد ڪيو ڪنهن بُکي کي کارايو ڪنهن ننگي کي ٻارايو مزارن تي درگاهن تي پڙھ هزار ڏيون ٿا جيڪي بعد ۾ اُتي جا مجار وري لاهيو وڪڻن ٿا مگر ڪنهن ننگي کي بدن ڍڪڻ لاء نٿا ڏيون آئون نٿو چوان ته درگاهن تي نه ڏيو مگر پهرين حق زنده انسانن جو آهي جن وٽ بدن ڍڪڻ لاء ڪپڙو ناهي. علي #foryoupage #sindhisong #sufisong #gurbat💔😥 #fyyyyppppppp @Ali Arisar ❤️🫠