@naveedmallah_1: ٺٽو. بي وائي ڊي ڪمپني ۾ روزگار ملڻ جي اميد ۾ هزارين بيروزگار نوجوان مقرر ڪيل هنڌ تي گڏ ٿيا، پر نوجوانن جو چوڻ هو ته ڪمپني جي نمائندن صرف ملازمتن بابت ڄاڻ فراهم ڪئي ۽ کين آن لائن فارم جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري واپس هليا ويا. نوجوانن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن صرف آن لائن فارم جمع ڪرائڻا هئا ته اهو عمل سوشل ميڊيا يا فيس بڪ ذريعي به ڪري سگهجي پيو. هنن چيو ته پري پري وارن علائقن مان روزگار جي اميد ۾ آيل نوجوانن جو وقت ضايع ٿيو ۽ سندن روزگار به متاثر ٿيو، جڏهن ته موقعي تي نه ڪا ڀرتي ڪئي وئي ۽ نه ئي ڪو انٽرويو ورتو ويو. شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن درخواستون آن لائن وصول ڪرڻيون هيون ته کين گڏ ڪرڻ بدران گهر ويٺي درخواستون جمع ڪرائڻ جو طريقو ٻڌايو وڃي ها. نوجوانن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مستقبل ۾ روزگار جي موقعن بابت واضح ۽ مؤثر طريقه ڪار اختيار ڪيو وڃي ته جيئن بيروزگار نوجوانن کي غير ضروري تڪليفن ۽ مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي.