@sherali32187jhsdiiirty: هاڻ اسانجو نه ٿي سگهندو اهو ڄاڻون ٿا مگر هن دل کي اهو ڪير سمجھائي ته هو هاڻ مون کان الاهي ڏور هليو ويو آهي. اسان ٻنهي اهڙا حالات پيدا ڪري ڇڏيا آهن جو هاڻ اسان چاهي به نٿا ملي سگهون. آئون ته اڃان هن جي انتظار مان نه نڪري سگهيس جڏهن ته هو مون کي وساري اڳتي وڌي ويو آهي. مون هن لاءِ الاهي چا چا سٺو، دنيا جا طعنا ميڻا هر شي پر هو ته مونسان ائين هليو، جو ائين ته ڪو ڪنهن سان به ناهي ڪندو. هو مونسان ائين هليو جو ائين ته ڪو ڪنهن سان به ناهي ڪندو. مان ته هن کي پنهنجو سڀ ڪجهه مڃي چڪي هئس پر هن مونسان ڪڏهن به وفا نه ڪئي. مگر افسوس جو هو اڳتي هليو ويو، مون جام رشتو بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو نه سمجھي سگهيو. هو اڄ ڪيئن هوندو، ڪهڙي حال ۾ هوندو، هن ڪڏهن منهنجي حال پڇڻ به مناسب نه سمجھيو. هن ائين وساري ڇڏيو ڄڻ ڪڏهن مليا ئي نه هجون. يقين ڪيو ڪڏهن به ڪنهن کي پاڻ کان وڌيڪ ويجھو نه ڪجو ۽ پاڻ کان وڌيڪ نه چاهجو، جو هن جي لاءِ توهان پاڻ کي به وساري ڇڏيو. ڇو ته آخري ۾ ماڻهو ڇڏي ويندا آهن ۽ پوءِ اسان ڪٿي جا به نٿا رهون. زندگي ۾ جيڪا شيءِ چاهي مون کي ملي پر هڪ ان شخص جي چاهت مون کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو