@dreamy2k005: ايتري سوچ ڪر زندگي مختصر هي اسان جون نفرتون ناراضگيون انسان اگر سوچي ته اڄ جنهن سان توهان ناراض آهيو ڳالهايو نٿا اُهو انسان اگر سڀاڻي نه هُجي ته ؟ اُهو انسان وري ڪڏهن توهان کي نظر نه اچي ته ؟ اوچتو اوهان کي خبر پوي ته اُهو انسان جيڪو اوهان جي ڳالهائڻ لاء ترسندو هُيو اُهو اڄ هن دُنيا مان هليو ويو جيئن ڪو پکي پنڃري مان پرواز ڪري هليو وڃين اوهان تي ڇا گذرندو منهنجي حساب سان انسان سمجهن نٿا ته مسجد مندر ڍاهڻ کان به انسان جو دل ڏکائڻ وڏو گناھ ڏوھ آهي اڄ جنهن سان نفرت ڪندي توهان جنهن جو جيئڻ جنجهال ٿا ڪيو ڏک ٿا ڏيو اچانڪ اُهو شخص نه رهي ته آئون سمجهان ٿو اگر ڪو واقئي انسان هوندو اهو پنهنجي پاڻ کي معاف نه ڪري سگهندو توهان پوري عمر غِلٽ ۾ گذاريندا پڇتاءُ۾ گذاريندا توهان کي پنهنجي وجود سان به نفرت ٿيڻ لڳندي يار مطلب ٻين جي ته ناهي خبر مگر آئون اهڙو انسان آهيان اگر ڪنهن کي ڪجھ چئي ڇڏيان ڪاوڙ ۾ يا ڪنهن کي ناراض ڪيا ته مونکي راتين جو ننڊ ناهي ايندي آئون سمهين ناهيان سگهندو جيسيتائين ان شخص کان معافي نه وٺان مونکي ٻين گناھن ڏوهن جو ايترو ڍپ ناهي نه ئي ڪو جنت جي خوائش دوزخ جو خوف مونکي بس ڪنهن انسان جي دل ڏکائڻ کان ڊپ لڳندو آهي ريسينٽلي مونسان هڪ واقيو ٿيو منهنجي ڊپارٽمنٽ اڪونامڪس فائنانس جو هڪ ڪلاسميٽ جيڪو ننڍي ڳالھ تان ان مونسان بدتميزي ڪئي ته جڏهن هو يونيورسٽي آيو آئون ان سان وڙهيس وڏي آواز سان ڳالهايم هالان که مون ڌڪ وغيره نه هنيا بس وڙهيس ء هو ڊڄي ويو هيو ء ان جو يونيورسٽي ۾ ڪا پهچان وارو ڪو دوست به نه هيو پوء آئون هفتو پورو سمهين نه سگهيس مونکي ايتري بيچيني هُئي غِلٽ هيو آئون بيان نٿو ڪري سگهان هفتي کان پوء وري اهو انسان سامهون آيو ڊڄيو پي مون ڊاريڪٽ هن کي ڀاڪر پائي هن کان معافي گهري هو ڊڄي پيو ڳالهائي نه پيو مگر آئون جي هو ملندو هيو پاڻ هٿ ڏيندو هُئس آئون وڏو ڊرپوڪ انسان آهي اُهو ان ۾ آئون ڊڄندو آهيان ته مونکان پهرين مونسان وابسته انسان نه وڃن انهن کان پهرين آئون وڃان آئون پنهنجي وابسته ماڻهن جو وڇوڙي ڏسي نه سگهندس آئون ان معاملي ۾ وڏو ڪمزور دل انسان آهيان برحال يار انسانن جي قدر ڪيو بلڪي هر جاندار جي قدر ڪيو ڇو ته جاندار شيون هميشه توهان سان گڏ نه هونديون بعد ۾ روئڻ کان پهرين وارو قدر ڀلو آهي. علي آريسر writer ✍️#foryoupage #sindhisong #sufisong #fyyyyppppppp