@ssjaan403: ڳوڙها ڪنهن به اک مان نڪرن، درد جي شدت ساڳي هوندي آهي. مرد هُجي يا عورت، ٻار هُجي يا پوڙهو، جڏهن دل اندر ڏُک لهر وانگر لهڻ لڳن ٿا ته اکين جا بند به ساڳي نموني ٽُٽي پون ٿا. دنيا گهڻو ڪري عورت جي ڳوڙهن کي نرم دلي جي علامت سمجهي ٿي، پر مرد جا ڳوڙها ته بي زُبان صدائون ٿين ٿا جيڪي اندر ئي اندر دل کي ساڙي ڇڏين ٿا.تڪليف ڪنهن به جنس جي محتاج ناهي هوندي. جڏهن روح زخمي ٿي پوي، تڏهن نه مرد مرد رهي ٿو، نه عورت عورت، رُڳو انسان رهي ٿو، جنهن جي اندر ۾ درد جي باھِ ٻري رهي هوندي. معاشرو مرد جي اکين مان نڪتل ڳوڙهن کي ڪمزوري سمجهي ٿو، پر حقيقت ته اِها به تڪليف جي سڀ کان وڏي گواهي هوندي آهي.ڳوڙها، زُبان نه هوندي به هزارين لفظ چوندا آهن، جن کي صرف اُهو ئي سمجهي سگهي ٿو، جنهن جي دل زخمي هُجي. مرد هُجي يا عورت تڪليف، درد ۽ ڳوڙها، اِهي سڀ انساني جذبات آهن، جن جي ڪا جنس ناهي