@najamrahiii: ڪجهه انسان انسان جي زندگيءَ ۾ برسات جي پهرين بوند وانگر ايندا آهن، انهن جي اچڻ سان دل ۾ هڪ عجيب سڪون لهندو آهي، ائين ڄڻ خشڪين جا رنگ ڀرجي ويندا آهن، زندگي هڪ پل ۾ نئين محسوس ٿيڻ لڳندي آهي۔ اهي مائهو انسان جي اداس ڏينهن ۾ مرڪ بڻجي ايندا آهن، انسان جي خاموشين کي سمجهي ويندا آهن، بنا ڪنهن شور جي دل جي گهراين ۾ لهي ويندا آهن، سندن موجودگي ايتري هوندي آهي، جيئن سڪل زمين تي برسات جي پهرين بوند، جيڪا هر شيءِ کي تازگي بخشي ڇڏيندي آهي۔ پر وقت هميشه ساڳيو ناهي رهندو، ڪي مائهو قسمت جي موڙن تي انسان کان پري ٿي ويندا آهن، هو هليا ته ويندا آهن، پر پنهنجي يادگيرين جا اڻمٽ نقش ڇڏي ويندا آهن، جيڪي ڪڏهن به ميسارجي ناهن سگهندا۔ اڄ به جڏهن برسات جون پهريون بوندون وسنديون آهن، تڏهن انهن مائهن جون يادون دل جي دروازن تي دستڪ ڏينديون آهن، ائين ڄڻ اهي اڃا به دل جي خاموشين ۾ ڪنهن صورت لمحا جي ياد بڻجي رهندا آهن۔ ڇو ته ڪجهه مائهو زندگيءَ ۾ صرف اچڻ لاءِ ناهن ايندا، پر هميشه لاءِ ياد بڻجي دل ۾ رهجي ويندا آهن۔ 💔🌧️ #VillageLife #foryou