@sindhi.media.news: واپڊا جي ايس ڊي او کي فون ڪري گاريون ڏيندڙ فهد قريشي مٿان ڪيس داخل لاڙڪاڻو: سيپڪو جي چيڪنگ دوران او پي ايف ڪالوني جي رهواسي فهد نواز قريشي کي اضافي ڊائريڪٽ تار ذريعي غيرقانوني بجلي استعمال ڪندي پڪڙيو ويو، جنهن خلاف حيدري ٿاڻي تي بجلي چوري جي قلم 462-I تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سيپڪو اختيارين موجب جوابدار ماضي ۾ پڻ سيپڪو عملدارن خلاف نازيبا ٻولي استعمال ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا تي وڊيوز شيئر ڪرڻ سبب تڪرارن ۾ رهيو آهي. ايگزيڪيوٽو انجنيئر سيد شاهد شاهه چيو ته بجلي چوري قومي خزاني کي نقصان پهچائي ٿي، تنهن ڪري بجلي چورن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائيون جاري رهنديون. #sindhimedianews #News #Sindhi #Larkano #Wapda