مان ھڪ مضبوط شخص آھيان، ماضيءَجون يادون مون کي جذباتي ضرور ڪنديون آھن، پر اھي مون کي ڪمزور نٿيون ڪن. رات جي سانت ۾ جڏھن ستارن ڏانهن ڏسندو آھيان، تہ ھاڻي ڪنھن وڃايل ستاري کي ناهيان ڳوليندو، پر پنھنجي نئين سڃاڻپ جي تلاش ڪندو آھيان. انسان اھي لمحا ڪڏھن بہ نٿو وساري سگھي جن کيس جيئڻ سيکاريو ھجي. ڪنھن جي وڃڻ سان زندگي ختم ناهي ٿيندي، پر ھڪ نئون رخ اختيار ڪندي آھي. زندگي بيشڪ عجيب آھي، پر اسان کي اھي رنگ بہ پنهنجي مرضيءَسان پائڻ سکڻ گهرجن جيڪيط قسمت اسان جي حصي ۾ رکيا آھن، ڇو تہ حقيقي ڪاميابي پنھنجي اختيار کان ٻاهر وارين شين کي قبول ڪرڻ ۾ آھي.