زندگي جو اصول ئي تبديلي آهي هر انسان پنهنجي سفر ۾ نون ماڻهن سان ملي ٿو نوان لاڳاپا ٺاهي ٿو ۽ نيون سوچون اختيار ڪري ٿو دنيا ۾ ڪو به هڪ جاءِ تي بيٺل ناهي حالتون وقت ۽ ضرورتون انسان کي اڳتي وڌڻ سيکارين ٿيون انهيءَسفر دوران ماڻهن کي ماڻهو ملندا رهن ٿا ڪڏهن پاڻ کان بهتر، ڪڏهن وڌيڪ سمجهدار ۽ ڪڏهن زندگيءَجي نون رنگن سان واقف ڪرائيندڙ
انسان فطرتاً بهتري جي تلاش ۾ رهندو آهي هو اهڙن ماڻهن ڏانهن ڇڪجي ويندو آهي جيڪي هن جي سوچ مقصد يا زندگيءَجي رفتار سان ميل کائيندا هجن جڏهن سوچون ملن ٿيون ته نوان رشتا مضبوط ٿين ٿا ۽ انسان پنهنجي اندر به تبديلي محسوس ڪري ٿو اهو ئي زندگيءَجو حسن آهي ته هر ملاقات انسان کي ڪجهه نه ڪجهه سيکاري وڃي ٿي😢