@makhichena: 🌧️ سانوڻ جي برسات کان اڳ پنهنجي ٻاڪري مال کي پتي جي ويڪسين ضرور ڪرايو! 🐐💉 سانوڻ جي برساتن سان گڏ ٻڪرين ۾ مختلف وبائي بيمارين جو خطرو به وڌي ويندو آهي، خاص طور تي پتي (Enterotoxemia) جهڙي خطرناڪ بيماري جيڪا ڪيترن ئي صحتمند جانورن کي اوچتو ختم ڪري سگهي ٿي. ان ڪري هر ذميوار مالوند لاءِ ضروري آهي ته برسات شروع ٿيڻ کان اڳ پنهنجي ٻڪرين کي پتي جي ويڪسين ضرور ڪرائي، جيئن مال کي نقصان کان بچائي سگهجي. ياد رکو، ويڪسين تي ٿيندڙ ٿورو خرچ توهان کي هزارين رپين جي نقصان کان بچائي سگهي ٿو. صحتمند مال ئي ڪامياب مالوند جي سڃاڻپ آهي، تنهنڪري اڄ ئي احتياط ڪريو ۽ پنهنجي ٻاڪري مال جي حفاظت کي يقيني بڻايو. vetinerry Dr San rabto kariyoo#foryou #fyp