@saqib_zeb_tunio09: جي تَتو تَنُ تَنُورَ جيئن، ته ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ، آڻي آڳ اَدبَ جِي، ٻاري جانِ جَلاءِ، بُرقِئا اِندر بازيُون، پنهنجون سڀِ پَچاءِ، “لُڇَڻُ لنئون” لَطيفُ چَئي، “پَڌرَ هڏِ مَ پاءِ،” مَتان لوڪَ لَکاءِ، وِصالان وِچَ پَئي. ( مرشد لطيف ) جيڪڏھن تنھنجو وجود تپي تپي تنور بڻجي چڪو آھي ته ان تي پاڻيء جا ڇنڊا ھڻي ٿڌو ڪرينس . پريئن جي اڳيان ادب ۽ خود سپردگيء واري ڪيفيت ۾ پنھنجي جان کي ساڙي ڇڏجاءن . خاموشيءَ ۽ پردي پوشيدگيء ۾ رھندي پنھنجي سڀني طريقن تي مھارت حاصل ڪر جيڪي توکي معلوم آھن . انھيء اونھي محبت جي بيقراريءَ ۽ شدتن کي لوڪ آڏو ھرگز پڌرو نه ڪر . جيڪڏھن لوڪ کي تنھنجي ۽ محبوب جي ناتي جي پروڙ پئجي وئي ته ھو تنھنجي ۽ پريئن جي وصال جا ويري بڻجي ويندا . @Sahargb ♥️ #sindhipoet #shahabdullatifbhitai #sindhisong #trendingvideo #saqibzebtunio
𝓢𝓪𝓺𝓲𝓯𝔂
Region: PK
Friday 03 July 2026 19:42:39 GMT
Music
Download
Comments
There are no more comments for this video.
To see more videos from user @saqib_zeb_tunio09, please go to the Tikwm
homepage.