@s_baloch.16: وقت جي فيصلي کان ڪو به بچي نه سگهيو آهي ڪنهن وقت ڊي ايس پي خير محمد جي حڪم کي قانون سمجهيو ويندو هو، پر اڄ وقت اهو به ڏيکاري ڇڏيو ته طاقت، عهدا ۽ اختيار هميشه لاءِ ناهن هوندا. تنهن ڪري ڪنهن سان به ظلم، ڏاڍ، ناانصافي يا بيگناهن جي دل آزاري نه ڪريو. مظلوم جي هڪ آهه عرش تائين پهچي ٿي، ۽ الله پاڪ جي عدالت ۾ نه ڪو وڏو هوندو آهي، نه ڪو ننڍو. ياد رکو، دنيا جي عدالتن کان بچي سگهجي ٿو، پر رب جي عدالت ۾ هر ظلم جو حساب ضرور ٿيندو. الله پاڪ اسان سڀني کي انصاف ڪرڻ ۽ ظلم کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين.