@azeembarejo73: ڄامشورو: پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ ميڊيا آڏو انصاف جو مطالبو ڄامشورو ۾ مٽياري ضلعي جي سعيدآباد واري علائقي مشتاق ڪالوني جي رهواسڻ 19 ورهين جي ناري زينب شيخ پسند جي شادي ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي مڙس اسد چانگ سان گڏ ميڊيا آڏو پيش ٿي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو. زينب شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هوءَ اسد چانگ کي پسند ڪندي هئي، جڏهن ته سندس گهر وارا کيس هڪ وڏي عمر واري شخص سان زبردستي شادي ڪرائڻ چاهيندا هئا. هن دعويٰ ڪئي ته ان صورتحال سبب هن پنهنجي مرضي سان گهر ڇڏيو ۽ اسد چانگ سان قانون موجب پسند جي شادي ڪئي. سندس چوڻ موجب کيس ڪنهن به اغوا نه ڪيو آهي، بلڪه هن پنهنجي رضا ۽ مرضي سان شادي ڪئي آهي. زينب شيخ وڌيڪ الزام هنيو ته سندس پيءُ مير محمد شيخ، ڀاءُ عامر شيخ، چاچا شريف شيخ ۽ غلام حيدر شيخ کيس قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب کيس پنهنجي جان جو خطرو آهي. هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کيس ۽ سندس مڙس کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف اسد چانگ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس زينب شيخ جي گهر اچڻ وڃڻ هوندو هو ۽ ٻنهي جو فون تي به رابطو رهندو هو، جنهن دوران هو هڪ ٻئي کي پسند ڪرڻ لڳا. سندس چوڻ موجب ٻنهي پنهنجي مرضي سان گهران نڪري قانوني شادي ڪئي آهي. اسد چانگ وڌيڪ الزام هنيو ته زينب شيخ جا وارث کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ مسلسل هراسان ڪري رهيا آهن. هن پڻ حڪومت، پوليس ۽ لاڳاپيل اختيارين کان اپيل ڪئي ته سندن جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ کين بنا خوف جي زندگي گذارڻ جو حق فراهم ڪيو وڃي.