@user8107558362147: مونکان متحده موومينٽ جي هڪڙي ماڻهو سوال ڪيو ته: ”آزاد سنڌ جو تصور تو وٽ ڪهڙو آهي؟“ مون ان کي جواب ڏنو ته: ”آزاد سنڌ جو تصور مون وٽ ھيءُ آهي ته منهنجي ڳوٺ انڙ آباد ۾ جتي اڄ ديويون به سُڪي ويون آهن، اتي هل پارڪ جهڙا پارڪ هجن. جتي نوجوان جوڙا مسلم ۽ غير مسلم، پوءِ انهن ۾ منهنجي ڌيءُ به ڇو نه شامل هجي، هٿ هٿ ۾ وجهي رقص ڪن ۽ اياز جي شاعري ڳائن. اهي ذهني ۽ جسماني طور ايڏا آسوده هجن جو اهي اھڙي رقص ڪرڻ وقت هڪٻئي جي جسمن ڏانهن نه پر سنڌ جي آسمان تي کڙندڙ ستارن ڏانهن ڏسن ۽ اڃان وڌيڪ شاندار سنڌ تعمير ڪرڻ جو سوچين. آريسر صاحب