@alam.kumar.sindhi: سنڌ ۾ بدامني جي باھ ڀڙڪيل سانگهڙ کاهي ٿاڻي جي حد، همير فقير موڙ ڀرسان فتح علي موڙ وٽ زرداري فارم ويجهو مبينا طور هٿياربندن پاران ڦر جي واردات دوران مزاحمت ڪرڻ تي دولت آباد واسي نوجوان ڀيرو ولد عالم ڪولھي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. معصوم نياڻين جو ڪيهو ٻڌي دل رت جا ڳوڙها روئي رهي آهي.. افسوس ڇا ٿيندو.. روڊ بلاڪ اڃا تائين ڪو به آفيسر ناهي پهتو 24 ڪلاڪن کان.. 😭