@udaskahanyon: قسمت زندگيءَ جو اهو ڳجهو راز آهي، جيڪو نه اکين سان ڏسي سگهجي ٿو، نه هٿن سان ڇهي سگهجي ٿو. انسان رٿون ٺاهيندو آهي، خواهشون پاليندو آهي ۽ منزلن جا خواب ڏسندو آهي، پر آخرڪار اهو ئي ملندو آهي، جيڪو تقدير جي ورقن تي لکيل هوندو آهي. تنهن هوندي به قسمت تي يقين، ڪوشش کان منهن موڙڻ جو نالو ناهي؛ بلڪه اهو صبر، دعا ۽ محنت سان اڳتي وڌڻ جو حوصلو آهي. ڪي دير سان ملندڙ نعمتون به قسمت جو ئي حسين فيصلو هونديون آهن. تنهن ڪري قسمت تي شڪايت ڪرڻ بدران، رب جي حڪمت تي ڀروسو رکڻ ئي انسان جي سڀ کان وڏي دانائي آهي. ا.س نوابشاھ سنڌ #foryou #udaskahanyon #foryoupage #foryouofficial #unfreezemyaccount