@ali_jana7: #CapCut رات جا لڳ ڀڳ ٻه ٿيا هئا... آسمان تي خاموشي ڇانيل هئي، رڳو پري ڪنهن ڪتي جي ڀونڪڻ جو آواز اچي رهيو هو. مان پنهنجي ڪمري جي دري وٽ ويٺو هيس، هٿ ۾ موبائل ۽ نظر هر پل تنهنجي نالي تي بيٺل هئي. “محبوب سائين اڄ چار ڏينهن ٿيا آهن...” مون آهستي سان پاڻ سان چيو ۽ اکيون ٻيهر اسڪرين تي کُپي ويون. اهي چار ڏينهن منهنجي لاءِ چار صدين کان گهٽ نه هئا. هر صبح تنهنجي ياد سان شروع ٿيندي هئي ۽ هر رات تنهنجي اوسيئڙي ۾ ختم ٿيندي هئي. مون کي لڳندو هو شايد اڄ تنهنجو ميسيج ايندو، شايد اڄ تون چوندين “مان به توکي ياد ڪندو رهيو آهيان...” پر هر دفعي مايوسي ئي نصيب ٿي. عيد جو ڏينهن به اچي ويو... گهر ۾ سڀ خوش هئا، هر ڪنهن جي چهري تي مُرڪ هئي، ٻار نوان ڪپڙا پائي کلندا پئي گهميا، پر منهنجي اندر ۾ اداسيءَ جو قبرستان آباد هو. مون به نوان ڪپڙا ته پاتا، پر دل تنهنجي غير موجودگيءَ ۾ سوڳوار هئي. عيد جي نماز کانپوءِ سڀ هڪ ٻئي سان ملي رهيا هئا، پر منهنجون نظرون رڳو تنهنجي ڳولا ۾ هيون. مون سوچيو شايد تون اوچتو سامهون اچي ويندين... شايد منهنجي عيد به مڪمل ٿي وڃي... پر ائين ڪجهه به نه ٿيو. تنهنجي بغير اها عيد، عيد نه لڳي... رڳو هڪ ڊگهي اذيت لڳي، جيڪا هر گهڙي منهنجي ساهن کي زخمي ڪندي رهي. رات جو جڏهن سڀ ماڻهو سمهي پيا، مان اڪيلو ڇت تي وڃي ويٺس. چنڊ کي ڏسندي مون تنهنجو نالو ورتو ۽ اکين مان بي اختيار ڳوڙها وهي پيا. دل چيو: “توکي ته خبر به ناهي، ڪو ماڻهو تنهنجي هڪ جواب لاءِ هر رات جاڳندو آهي...” مون موبائل هٿ ۾ کنيو ۽ توکي آخري ميسيج لکيم: “مون کي ميسيج جو جواب ڏي... خبر ناهي زندگي ڪيتري آهي، پر توکان ملڻ جون وڏيون حسرتون آهن...” ميسيج موڪلڻ کانپوءِ گهڻي دير تائين آن لائن رهيس. هر سيڪنڊ تي اميد هئي ته شايد تنهنجو جواب اچي وڃي. پر اسڪرين تي رڳو خاموشي هئي... بلڪل تنهنجيان خاموش. ان رات مونکي پهريون ڀيرو محسوس ٿيو ته ڪجهه ماڻهو انسان جي زندگيءَ ۾ ايترو گهرو اثر ڇڏي ويندا آهن، جو پوءِ سندن خاموشي به انسان کي اندر مان ٽوڙي ڇڏيندي آهي. ۽ مان اڄ به تنهنجي ديدار جي اوسيئڙي ۾ ويٺو آهيان... ساڳي محبت سان، ساڳي انتظار سان، ۽ ساڳين اڌورن خوابن سان... 💔 #بيو #Berwibawa #Berwibawa #Berwibawa
𝘈𝘓𝘐 𝘒𝘏𝘈𝘕
Region: PK
Monday 27 July 2026 01:39:15 GMT
Music
Download
Comments
yA.sEeN🫠 :
Geo jani Geo 😘
2026-07-27 02:16:02
1
Ali nawaz :
♥️♥️♥️
2026-07-27 02:42:44
0
yA.sEeN🫠 :
😘😘😘
2026-07-27 02:15:46
0
yA.sEeN🫠 :
💕💕💕
2026-07-27 02:15:48
1
yA.sEeN🫠 :
🥰🥰🥰
2026-07-27 02:15:51
1
💸👑Mahar Sahb 💸💸 :
❤️❤️❤️
2026-07-27 02:12:46
0
💞💞Ashiq Ali jaan ❤️🩹❤️🩹 :
🥀🥀🥀
2026-07-27 01:54:10
1
To see more videos from user @ali_jana7, please go to the Tikwm
homepage.