“اداسي ڪڏهن ڪڏهن انسان جي دل تي اهڙو بار بڻجي ويندي آهي، جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ آسان ناهي هوندو. ماڻهو کلندي به اندر کان ٽٽل هوندو آهي، ۽ خاموشيءَ۾ هزارين ڳالهيون لڪل هونديون آهن. زندگي جا ڪي لمحا اهڙا به ايندا آهن، جتي هر شيءِ هوندي به دل خالي خالي لڳندي آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ماڻهن جي ميڙ ۾ هوندي به پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو آهي، چهري تي مرڪ هوندي آهي پر دل اندر خاموش طوفان هلي رهيو هوندو آهي. ڪي يادون، ڪي اڻپوريون خواهشون، ڪي پنهنجن جي بيقدري ۽ وقت جون سختيون انسان کي اهڙي موڙ تي آڻي بيهارينديون آهن، جتي لفظ ساٿ ڇڏيندا آهن ۽ صرف خاموشي ڳالهائيندي آهي. اداسيءَجي انهن لمحن ۾ انسان آسمان کي ڏسندي، لهندڙ سج کي محسوس ڪندي يا رات جي اونداهيءَ۾ پنهنجي اندر جي درد کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڪڏهن دل چاهيندي آهي ته ڪو اهڙو هجي، جيڪو بنا ڪجهه پڇڻ جي دل جي حالت سمجهي وڃي، پر هر ڪنهن جي نصيب ۾ اهڙو ساٿي ناهي هوندو. پوءِ به زندگي هلندي رهي ٿي، شايد انهيءَڪري چوندا آهن ته هر گهري اونداهيءَکان پوءِ روشني ضرور ايندي آهي، ۽ هر ڏک کان پوءِ سڪون جو ڪو نه ڪو پل ضرور ملندو آهي.
2026-07-30 15:45:36
6
Raja Ali Sayed :
مون کي بي وفائيءَجو ايترو ڏک ناهي، 💔🥀
ڏک ته رڳو انهن ماڻهن جو آهي،
جن کان مون کي تمام گهڻيون اميدون هيون. ❤️🍂