@naturalvideos110: جنهن سماج ۾ محبت ڪرڻ جي آزادي نه هجي، اُتي انسانن جا احساس به قيد ٿي وڃن ٿا۔ محبت ته هميشه دلين کي جوڙڻ، نفرتن کي ختم ڪرڻ ۽ انسان کي انسان سان ويجهو آڻڻ جو نالو آهي، پر افسوس جو اسان جي سماج ۾ محبت ڪندڙن کي ڏوهاري بڻايو وڃي ٿو۔ اڄ ڪراچي ۾ هڪ پريمي جوڙي جو قتل صرف ٻن انسانن جو قتل ناهي، پر اهو انسانيت، آزادي ۽ احساسن جو به قتل آهي۔ جڏهن ماڻهو پنهنجي مرضي سان جيئڻ يا ڪنهن سان محبت ڪرڻ کان به ڊڄن، ته پوءِ اهو سماج خوف ۽ جبر جي زنجيرن ۾ جڪڙيل سماج بڻجي وڃي ٿو۔ اسان کي سوچڻ گهرجي ته آخر محبت ڪندڙن کان ايتري نفرت ڇو؟ محبت ته ڪنهن جو نقصان ناهي ڪيو، نقصان ته نفرت، انا، زبردستي ۽ پراڻين سوچن ڪيو آهي۔ جيڪڏهن هر انسان کي پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا ڪرڻ جو حق ملي، ته شايد ڪيترائي گهر اجڙڻ کان بچي وڃن۔ محبت کي گناهه سمجهندڙ ماڻهو وساري ويٺا آهن ته دلين تي زبردستي ناهي هلندي۔ هڪ مهذب سماج اهو هوندو آهي جتي انسانن جي احساسن، پسند ۽ آزاديءَ جو احترام ڪيو وڃي، نه ڪي انهن کي رت ۾ ٻوڙي خاموش ڪيو وڃي۔.#foryoupageofficiall #trendingvideo #viralvideo #sindhisong #Khansnatraual