@musafirlog.1: جڏهن اداسيون انسان کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏينديون آهن، تڏهن وقت جا تقاضا کيس ڪيترائي سبق سيکاريندا آهن. جڏهن اداسيون ۽ اڪيلائيون انسان جو مقدر بڻجي وينديون آهن، تڏهن سندس سوچ انهن ماڻهن کان به گهڻي اڳتي نڪري ويندي آهي، جن انسان کي انسان کان ڌار ڪيو، نفرتون پيدا ڪيون، اذيتون ڏنيون، يا کيس اهڙي هنڌ تي پهچايو، جتي هو بي وس، لاچار ۽ پنهنجي اڪيلائيءَ سان گڏ رهجي ويو. پر زندگي اتي ختم نه ٿيندي آهي. اهي ئي اداسيون ۽ اڪيلائيون انسان کي هڪ نئين انداز سان جيئڻ سيکارينديون آهن، کيس وڌيڪ مضبوط بڻائينديون آهن، ۽ وقت سان گڏ هو اهڙو انسان بڻجي اڀرندو آهي، جنهن کي ڪڏهن دنيا صرف تماشو سمجهندي هئي، پر هاڻي اهو ئي وقت سندس وجود جي حقيقت جو شاهد بڻجي ويندو آهي.#foryoupage #support❤️❤️