@drizzylovvaaa:

drizzylovvaaa
drizzylovvaaa
Open In TikTok:
Region: US
Thursday 06 August 2026 08:05:09 GMT
600
106
1
0

Music

Download

Comments

15079shy
15079 :
😻😻😻
2026-08-06 08:15:30
0
To see more videos from user @drizzylovvaaa, please go to the Tikwm homepage.

Other Videos

ماحول انسان جي شخصيت، سوچ ۽ عمل تي گهرو اثر ڇڏي ٿو. انسان جنهن سماج ۾ جيئي ٿو، جنهن فضا ۾ ساھ کڻي ٿو، ۽ جنهن حالتن ۾ سندس پرورش ٿئي ٿي، اُهي سڀ عنصر سندس فڪر ۽ ڪردار جي تشڪيل ڪن ٿا. سازگار ماحول انسان جي صلاحيتن کي اُڀاري ٿو، جڏهن⁠ تہ جمود، غلامي ۽ ذهني پسماندگي وارو ماحول فرد جي اندر بي وسي، خوف ۽ مايوسي پيدا ڪري ٿو. پر تاريخ اهو ثابت ڪيو آهي ته قومن جي قسمت بدلائيندڙ ڪردار هميشه سازگار حالتن جا محتاج ناهن هوندا. اهي افراتفري، جبر ۽ ناانصافين جي اونداهين ۾ به مزاحمت جا ڏيئا ٻاريندا آهن. اهي ماڻهو سماج جي مڙهيل واٽن تي هلڻ بدران نوان رستا ٺاهيندا آهن، ڀلي کين اڪيلائي، تڪليفن ۽ مخالفتن کي منهن ڏيڻو پوي. اهڙا ئي انقلابي ڪردار قومن کي غلاميءَ جي زنجيرن مان آزاد ڪرائيندا آهن. اڄ اسان جو سماج به ذهني غلامي، معاشي اڻبرابري ۽ سياسي بيحسيءَ جي ور چڙهيل آهي. ماڻهن کان سندن بنيادي حق کسيا وڃن ٿا، کين اهڙن مسئلن ۾ اُلجهايو وڃي ٿو جو هو جيئن پنهنجي اصل قومي مسئلن کان بيخبر رهن. حڪمران طبقو سادن ماڻهن کي کوکلي دلجاءِ ڏيئي، سندن ڌيان قومي حقن جي جدوجهد کان هٽائي ڇڏي ٿو. ان پسمنظر ۾ هڪ اهم سوال اڀري ٿو ته سنڌ جي قومي جدوجهد ۾ عورتن جو ڪردار نمايان ڇو ناهي؟ هي سوال رڳو عورتن جي غيرموجودگيءَ جو ناهي، پر ان سماجي ڍانچي تي سوال آهي، جيڪو عورت کي ڪمزور، محتاج ۽ محدود بڻائي پيش ڪري ٿو. اسان اهڙي سماج ۾ رهون ٿا جتي نياڻين کي ڪارنهن جي الزام هيٺ بيگناهه قتل ڪيو وڃي ٿو، عورت کي پنهنجي پسند جي شادي جو حق حاصل ناهي ، ڪيترين ڇوڪرين کي تعليم جهڙي بنيادي حق کان محروم رکيو وڃي ٿو،عورت کي گهر جي چوديواريءَ اندر قيد ڪيو وڃي ٿو. اهڙي ماحول ۾ پلجندڙ عورت کان انقلابي ڪردار جي اميد رکڻ سماجي حقيقتن کان اکيون ٻوٽڻ برابر آهي. پر هي مسئلو صرف عورت جو ناهي. مرد به ساڳئي سماجي جبر جو شڪار آهي. کيس ذميوارين، خوفن ۽ معاشي دٻاءَ ۾ ايترو جڪڙيو وڃي ٿو جو هو به قومي جدوجهد لاءِ پاڻ کي تيار نٿو ڪري سگهي. عورت کي “عزت” جي نالي تي محدود ڪيو وڃي ٿو ۽ مرد کي “ذميواري” جي نالي تي خاموش رکيو وڃي ٿو. نتيجي طور، ٻئي هڪ اهڙي سماجي قيد ۾ زندگي گذارين ٿا جتي بغاوت جو تصور ئي جرم بڻجي وڃي ٿو. حقيقت اها آهي ته شاگرد سياست، فڪري تحريڪون ۽ قومي جدوجهدون ئي اهي درسگاهون آهن جيڪي فرد کي سماجي شعور ڏين ٿيون. اهي انسان کي خوف مان آزادي، بيحسي مان بيداري ۽ غلاميءَ مان مزاحمت جو سبق سيکارين ٿيون. زندگي صرف ذاتي مفادن، محدود خواهشن ۽ معمولي آسائشن جو نالو ناهي. زندگيءَ جو اصل حسن ڪنهن اعليٰ مقصد لاءِ جيئڻ ۾ آهي. غلام قومون تقدير جي آسري نه ويهنديون آهن؛ اهي پنهنجي قسمت پاڻ لکنديون آهن. اهي جبر اڳيان جهڪنديون ناهن، پر مزاحمت جو جهنڊو بلند ڪنديون آهن. بغاوت ئي تبديليءَ جو پهريون قدم آهي. جيستائين سماج ۾ فڪري بغاوت پيدا نه ٿيندي، تيستائين ظلم جا نظام قائم رهندا. خاموشي ظالم کي طاقت ڏئي ٿي، جڏهن⁠تہ مزاحمت مظلوم کي سڃاڻپ ڏئي ٿي.افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان پنهنجي شاندار تاريخي ورثي کي وساري ويٺا آهيون. اسان انهن سورمن ۽ بهادر عورتن جا وارث آهيون جن پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ قومي سڃاڻپ لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون. انهن جي جدوجهد اسان لاءِ مشعلِ راهه آهي.اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عورت ۽ مرد گڏيل جدوجهد جو حصو بڻجن ، نوجوانن ۾ سياسي ۽ قومي شعور پيدا ڪيو وڃي ، غلاميءَ واري ذهنيت کي رد ڪيو وڃي،  قومي آزادي، خودمختياري ۽ باوقار سڃاڻپ لاءِ متحد آواز اٿاريو وڃي ، قومون تڏهن جيئنديون آهن جڏهن انهن جا فرد پنهنجي ذات کان مٿانهون ٿي اجتماعي مفاد لاءِ سوچيندا آهن. جيڪڏهن اسان واقعي باوقار مستقبل چاهيون ٿا ته پوءِ خاموشي ٽوڙڻي پوندي، خوف کي شڪست ڏيڻي پوندي، ۽ جدوجهد جي ميدان ۾ لهڻو پوندو. ڇو ته آزادي تحفي ۾ ڪونهي ملندي جدوجهد سان حاصل ڪئي ويندي آهي.

About