@chanihokhalid7: ڪڏهن ڪڏهن صرف هڪ ننڍڙي وڊيو، انسان کي ڪيترائي سال پوئتي وٺي ويندي آهي... اڄ Gmail کوليو ته اوچتو اسان جي اسڪول جي Farewell Party جي هڪ پراڻي وڊيو نظر آئي. وڊيو ته رڳو ڪجهه لمحن جي هئي، پر ان جا احساس لفظن کان گهڻا ڊگها هئا. جيئن ئي Play ڪئي، لڳو ڄڻ وقت وري پوئتي موٽي ويو هجي. اهو ئي Government Boys High School Khipro، اهو ئي ڪلاس روم، اهي ئي دوست، اهي ئي معصوم ڏينهن... ۽ سامهون بيٺل اسان جا پيارا سائين امجد بيگ، جيڪي اسان کي صرف الوداع نه پيا چون، پر زندگيءَ جو سڀ کان اهم سبق سيکاري رهيا هئا. سائين امجد بيگ چيو هو: "اڄ توهان نائين ۽ ڏهين ۾ اسان جي نگراني هيٺ آهيو، پر جڏهن هتان نڪري ڪاليج ۾ ويندؤ ته اتي ڪو به توهان کان نه پڇندو ته هوم ورڪ ڇو نه ڪيو؟ ڪاپي ڇو نه ڀري؟ يا پڙهائي ڇو نه ڪئي؟ هاڻي کان پنهنجي ذميواري پاڻ نڀائڻ سکيو، ڇو ته زندگيءَ ۾ هر قدم توهان کي پاڻ کڻڻو پوندو." ان ڏينهن شايد اسان لاءِ اهي صرف نصيحت جا لفظ هئا. اسان مان ڪيترن کي اهو احساس ئي نه هو ته سائين اصل ۾ اسان کي ڪتابن کان وڌيڪ، زندگي پڙهائي رهيا هئا. اڄ جڏهن زندگيءَ جي مختلف مرحلن مان گذري رهيا آهيون، تڏهن خبر پوي ٿي ته سائين جو هر لفظ ڪيترو سچو، ڪيترو قيمتي ۽ ڪيترو پري ڏسندڙ هو. وقت ثابت ڪري ڇڏيو ته استاد جا سچا لفظ سالن کان پوءِ به انسان جي راهه روشن ڪندا رهن ٿا. اڄ افسوس سان اهو چوڻو پوي ٿو ته سائين امجد بيگ پاڻ اسان جي وچ ۾ موجود ناهن، پر سندن آواز اڃا تائين ڪنن ۾ گونجي ٿو، سندن چهرو اڄ به اکين آڏو تري اچي ٿو، ۽ سندن سيکاريل سبق هر ڏکئي موقعي تي همت بڻجي سامهون بيهي رهن ٿا. ڪجهه ماڻهو دنيا مان هليا ويندا آهن، پر پنهنجو وجود يادگيرين ۾ ڇڏي ويندا آهن. سچا استاد ڪڏهن به ناهن مرندا؛ هو پنهنجي شاگردن جي سوچ، ڪردار، ڪاميابين ۽ دعائن ۾ هميشه زنده رهندا آهن. اڄ اها وڊيو ڏسي دل ڀرجي آئي. دل چاهي ٿي ته ڪاش هڪ ڀيرو ٻيهر سائين جي سامهون ويهي انهن جون نصيحتون ٻڌون، پر هاڻي اهو صرف هڪ حسين ياد بڻجي ويو آهي. الله پاڪ منهنجي پياري استاد سائين امجد بيگ جي مغفرت فرمائي، سندن قبر کي جنت جي باغن مان هڪ باغ بڻائي، سندن درجا بلند فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. آمين. 🤲🕊️ "استاد جا لفظ وقت سان پراڻا ناهن ٿيندا؛ وقت گذرڻ سان انهن جي قيمت ۽ معنيٰ وڌيڪ وڌندي ويندي آهي." ❤️