@raja.shamas.din.mangrio5: ٿر جا ريٽ، ۽ آئون اڪيلو😥 ٿر جا ريٽ، ۽ آئون اڪيلو،😥 ڪيئن تو بن گھاريان، ڏينھن اڪيلو 😥 >>✍️اداس عمران کوسو<<😥 ​ھا گھڻا ڏينھن اڳ ڪنھن رُسي ويل راڻي جو ماڻو اڄ وري ذھن تي تري آيو. ٿوري دير تائين سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏي ويس، وري ماضيءَ جا اھي منظر ساريندي يادن جا انبار اچي دل جي ڪنگر تي ڪنھن وني جي والي جيان جھومي اچي ڪريا. مان جڏھن بہ ٿر جي ڀوري ڀٽن تي ويندو آھيان تہ ڌنار ٻارڙي جو ڪيل سوال مونکي اڄ بہ ياد ايندو آھي. ھُن مون کان پڇيو تہ ھُن ڇڏڻ مھل توکي ڪھڙا لفظ چيا ھئا، توکي ياد آھن؟ ​ھُن ٻارڙي کي جڏھن بہ جواب ڏيندو آھيان تہ ساھہ جا ٿڌا شوڪارا ڀري چوندو آھيان تہ ھا مونکي ياد آھن. ھُن وڃڻ مھل مونکي خدا حافظ بہ نہ چيو، ھُو مون کان وڙھندي وڙھندي جڏھن مون کان روانو ٿيو تہ ويندي ويندي صرف ايترو چيو تہ "منھنجي دل جي دنيا مان نڪري وڃ او چريا". اھي ھُن جا لفظ ھُن رات جي شروعاتي لمحن ۾ چيل مونکي اڄ بہ ياد آھن، باقي رات جو پويون حصو مون ڪيئن ڪٽيو مونکي ياد آ. ​ھا پرين! جي توکي ڇڏڻو ھيو تہ ڪنھن ڪنڊي جي ڀرسان ڪنھن ڌنار جي مال مٿان واريل لٺ جو آواز ٻڌي نہ اچين ھا. ھا پرين! جي ڇڏڻو ھئي تہ ڪنھن ڳوٺ جي حڪمت جي حڪيم جي محبت جا مثال نہ ڏئين ھا. ھا پرين! جي ڇڏڻو ھئي تہ ڊسمبر جي سرد راتين ۾ بنا گندي جي سڄي رات ڳالهيون ڪرڻ جون شرطون نہ رکين ھا. ھا پرين! جي ڇڏڻو ھئي تہ ٻانھون جا ھار ٺاھي پنھنجي سيني تي نہ سمهارين ھا. ​ھا پرين! تنھنجا اھي لمحا مونکي اڃا بہ ياد آھن. تون بي ڏوھہ رُسي وڃڻ جي ڪيڏو نہ خلاف ھئين. ھا پرين! تون زمان خاصخيلي جو اھو ڪلام ٻڌي "اوچتو وئين دل پلي زمان کان خاصخيلي حيف ھجي"، انھي ڪلام ٻڌڻ کان پوءِ ٿوري دير تائين خاموش ٿي پوءِ چوندو ھئين تہ "ھا مسڪين! ائين اوچتو دل پلڻ تي ماڻھو جي دل ڪيئن ٿي مطمئين ٿي". ھا مان چوندو ھوس تہ ھڪ ڏينھن تون بہ پنھنجي دل کي ائين پلي ڇڏيندين. مان توکي ٻڌائيندس، تڏھن تون ھٿ کي ھوا ۾ ھلائي پنھنجي آڱري جو مُون ڏانھن اشارو ڪري چوندو ھئين تہ "ٻيھر اھي لفظ مونکي نہ چئجان". ​مون کان ھيڏي محبت ڪندي بہ اڄ تنھنجي من ۾ منھنجي محبت جو سمنڊ ڀلا تون ئي ٻڌا تہ ڪيئن سڪي ويو؟ تنھنجي ڪيل مون کان مٺي محبت، ماکي يا مصري جيان يا ڪنھن چڙي جي چونگار جيان يا ڪنھن ڌنار جي وڄايل بانسري جيان يا ڪنھن مورن جي ٻولي جيان يا ڪنھن جيجل جي لولي جيان مونکي اڄ بہ مٺي لڳي ٿي. پر توکان تہ اسين الائي تہ ڪيئن اڄ ٽُوھ وانگر کارا ۽ ڪانءُ جي ٽان ٽان وانگر خراب لڳون ٿا. ھا پرين! تون موٽي ايندين، تون موٽي ايندين. تنھنجي موٽي اچڻ جي اُميد مون اڃا بہ نہ پلي اٿم. ھا پرين! تنھنجي موٽي اچڻ جو انتظار آئون ڪنھن رانديگر جي ورتل ريويو جي 13 سيڪنڊ جيان اڄ بہ انتظار ڪندو آھيان. ​آئون تنھنجي موٽي اچڻ جون ڳاليون ڪڏھن پنھنجي خيالن ۾ ڪنھن مور کي رقص ڪندي ڪنھن ڪريل کنڀ کان، يا ڪڏھن سياري جي اوڍيل چادر کان، يا ڪڏھن اونهاري جي گرمي ۾ ھٿ سان ھوا ڏيندڙ ڪنھن وينجھڻي کان، يا ڪڏھن ساوڻ جي مند ۾ مِينھن وسڻ کان پوءِ ٿڌي ھير کان، يا ڪڏھن آنمليي جي راند ڪندي ڪنھن ڪنڊي جي ٽٽل ٽار کان، يا ڪڏھن روهيڙي جي ٽاري تي ويٺل ڪنھن ڳيري کان، يا ڪڏھن ڄار جي سڪل پنن کان، يا ڪڏھن سونيل جي سونين ڦلڙين کان، يا ڪڏھن گانگيٽي جي ڳاڙهن گلڙن کان، يا ڪڏھن سائي مريڙي يا للر کان، يا ڪڏھن وڏي مٿاري تي بيٺل ڪنھن سڪل ڪوريءَ کان، يا ڪڏھن ڪنھن کري تي ڪريل ڪنھن ڏاٽي جي ڏيڍ سئو ڏندن کان، تنھنجي موٽي اچڻ جون ڳاليون ڪندو آھيان. تون موٽي ايندين، تون موٽي ايندين. تنھنجي يادن مونکي ائين ويڙھي ڇڏيو آ، جيئن ڪو ول وڻ کي ويڙھي ڇڏيندي آ. ...🙏✍️ اداس عمران کوسو😥#foryoupage🙏100 #💔👍💔👍💔👍💔👍💔👍💔👍🙏✅🙏✅🙏✅🙏✅❣️❤️‍ #viral_video_foryoupage🙏😥 #fyppppppppppppppppppppppp #foziasoomro_sindhi_sad_status⛈️

🥰💝sk............Raja💝🥰
🥰💝sk............Raja💝🥰
Open In TikTok:
Region: PK
Thursday 06 August 2026 13:32:54 GMT
3550
1110
59
5

Music

Download

Comments

aban.ali183
Aban Ali :
2026-08-07 17:00:59
1
shamas.mangrio.5
SHAMAS :
🥰🥰🥰
2026-10-14 20:38:09
0
rehman123456789123
RahmanAli Samejo :
🥰🥰🥰
2026-08-07 10:27:13
1
skrajamumtaz
راجہ ممتاز علی منگریو صاحب جیو :
😳😳😳
2026-08-29 17:38:28
0
niazahmed.saand
Niazahmed Saand :
🥰🥰🥰
2026-08-28 21:56:28
0
user91176582702346
Haresh kumar tajani :
🥰🥰🥰
2026-08-08 07:25:53
1
walji.kolhi16
Walji kolhi :
🥰🥰🥰
2026-08-26 05:42:19
0
qurbansamejo131
Qurban ali samejo :
🥰🥰🥰
2026-08-22 14:38:49
0
qurbansamejo131
Qurban ali samejo :
❤️❤️❤️
2026-08-22 14:38:49
0
ghulam.rasool8473
Ghulam Rasool :
❤️❤️❤️
2026-08-22 12:54:33
0
hussin.nohri3
Hussin Nohri :
❤️❤️❤️
2026-08-19 11:43:09
0
ganbheer1234
HaiderAli :
❤️❤️❤️
2026-08-19 06:32:55
0
saleemnohari1
Saleem Nohari :
👌👌👌
2026-08-17 10:48:17
0
user9234119611248busissa
Bashir :
🥰🥰🥰
2026-08-15 13:40:23
0
paremkumr4
paremkumr :
🌹🌹🌹🌹
2026-08-15 12:59:56
0
vikramsinghmanani
Vikram Singh Manani :
♥️♥️♥️
2026-08-12 06:41:56
0
user83913620103941
Dilip Kumar :
🥰🥰🥰
2026-08-12 02:53:50
0
moolchand.kolhi82
moolchand kolhi :
🥰🥰🥰
2026-08-11 10:58:15
1
ghazi.khan655
ghazi Khan :
🥰🥰🥰
2026-08-11 09:58:31
0
ghulamrasoolb02
Ghulam 🔥! :
🥰🥰🥰
2026-08-09 05:51:12
0
user5526600791344
♥️پردیسی۔مرتھزار سمیجو،♥️ :
♥️♥️♥️
2026-08-09 05:26:12
0
mubhark.soomro
Mubhark Soomro :
♥️♥️♥️
2026-08-09 05:01:44
0
rajnesh.kumar50
💔R Nadeem R 💔 :
🥰🥰🥰🥰
2026-08-09 04:02:37
0
mumtazali65041
Mumtaz.Mangrio :
👌👌👌
2026-08-09 02:22:16
0
bhuralal253
bhuralal :
💙💙💙
2026-08-06 13:45:25
0
To see more videos from user @raja.shamas.din.mangrio5, please go to the Tikwm homepage.

Other Videos


About