@mushtak011: ر جا ريٽ، ۽ آئون اڪيلو😥 ٿر جا ريٽ، ۽ آئون اڪيلو،😥 ڪيئن تو بن گھاريان، ڏينھن اڪيلو 😥 >>✍️اداس عمران کوسو<<😥 ​ھا گھڻا ڏينھن اڳ ڪنھن رُسي ويل راڻي جو ماڻو اڄ وري ذھن تي تري آيو. ٿوري دير تائين سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏي ويس، وري ماضيءَ جا اھي منظر ساريندي يادن جا انبار اچي دل جي ڪنگر تي ڪنھن وني جي والي جيان جھومي اچي ڪريا. مان جڏھن بہ ٿر جي ڀوري ڀٽن تي ويندو آھيان تہ ڌنار ٻارڙي جو ڪيل سوال مونکي اڄ بہ ياد ايندو آھي. ھُن مون کان پڇيو تہ ھُن ڇڏڻ مھل توکي ڪھڙا لفظ چيا ھئا، توکي ياد آھن؟ ​ھُن ٻارڙي کي جڏھن بہ جواب ڏيندو آھيان تہ ساھہ جا ٿڌا شوڪارا ڀري چوندو آھيان تہ ھا مونکي ياد آھن. ھُن وڃڻ مھل مونکي خدا حافظ بہ نہ چيو، ھُو مون کان وڙھندي وڙھندي جڏھن مون کان روانو ٿيو تہ ويندي ويندي صرف ايترو چيو تہ "منھنجي دل جي دنيا مان نڪري وڃ او چريا". اھي ھُن جا لفظ ھُن رات جي شروعاتي لمحن ۾ چيل مونکي اڄ بہ ياد آھن، باقي رات جو پويون حصو مون ڪيئن ڪٽيو مونکي ياد آ. ​ھا پرين! جي توکي ڇڏڻو ھيو تہ ڪنھن ڪنڊي جي ڀرسان ڪنھن ڌنار جي مال مٿان واريل لٺ جو آواز ٻڌي نہ اچين ھا. ھا پرين! جي ڇڏڻو ھئي تہ ڪنھن ڳوٺ جي حڪمت جي حڪيم جي محبت جا مثال نہ ڏئين ھا. ھا پرين! جي ڇڏڻو ھئي تہ ڊسمبر جي سرد راتين ۾ بنا گندي جي سڄي رات ڳالهيون ڪرڻ جون شرطون نہ رکين ھا. ھا پرين! جي ڇڏڻو ھئي تہ ٻانھون جا ھار ٺاھي پنھنجي سيني تي نہ سمهارين ھا. ​ھا پرين! تنھنجا اھي لمحا مونکي اڃا بہ ياد آھن. تون بي ڏوھہ رُسي وڃڻ جي ڪيڏو نہ خلاف ھئين. ھا پرين! تون زمان خاصخيلي جو اھو ڪلام ٻڌي "اوچتو وئين دل پلي زمان کان خاصخيلي حيف ھجي"، انھي ڪلام ٻڌڻ کان پوءِ ٿوري دير تائين خاموش ٿي پوءِ چوندو ھئين تہ "ھا مسڪين! ائين اوچتو دل پلڻ تي ماڻھو جي دل ڪيئن ٿي مطمئين ٿي". ھا مان چوندو ھوس تہ ھڪ ڏينھن تون بہ پنھنجي دل کي ائين پلي ڇڏيندين. مان توکي ٻڌائيندس، تڏھن تون ھٿ کي ھوا ۾ ھلائي پنھنجي آڱري جو مُون ڏانھن اشارو ڪري چوندو ھئين تہ "ٻيھر اھي لفظ مونکي نہ چئجان". ​مون کان ھيڏي محبت ڪندي بہ اڄ تنھنجي من ۾ منھنجي محبت جو سمنڊ ڀلا تون ئي ٻڌا تہ ڪيئن سڪي ويو؟ تنھنجي ڪيل مون کان مٺي محبت، ماکي يا مصري جيان يا ڪنھن چڙي جي چونگار جيان يا ڪنھن ڌنار جي وڄايل بانسري جيان يا ڪنھن مورن جي ٻولي جيان يا ڪنھن جيجل جي لولي جيان مونکي اڄ بہ مٺي لڳي ٿي. پر توکان تہ اسين الائي تہ ڪيئن اڄ ٽُوھ وانگر کارا ۽ ڪانءُ جي ٽان ٽان وانگر خراب لڳون ٿا. ھا پرين! تون موٽي ايندين، تون موٽي ايندين. تنھنجي موٽي اچڻ جي اُميد مون اڃا بہ نہ پلي اٿم. ھا پرين! تنھنجي موٽي اچڻ جو انتظار آئون ڪنھن رانديگر جي ورتل ريويو جي 13 سيڪنڊ جيان اڄ بہ انتظار ڪندو آھيان. ​آئون تنھنجي موٽي اچڻ جون ڳاليون ڪڏھن پنھنجي خيالن ۾ ڪنھن مور کي رقص ڪندي ڪنھن ڪريل کنڀ کان، يا ڪڏھن سياري جي اوڍيل چادر کان، يا ڪڏھن اونهاري جي گرمي ۾ ھٿ سان ھوا ڏيندڙ ڪنھن وينجھڻي کان، يا ڪڏھن ساوڻ جي مند ۾ مِينھن وسڻ کان پوءِ ٿڌي ھير کان، يا ڪڏھن آنمليي جي راند ڪندي ڪنھن ڪنڊي جي ٽٽل ٽار کان، يا ڪڏھن روهيڙي جي ٽاري تي ويٺل ڪنھن ڳيري کان، يا ڪڏھن ڄار جي سڪل پنن کان، يا ڪڏھن سونيل جي سونين ڦلڙين کان، يا ڪڏھن گانگيٽي جي ڳاڙهن گلڙن کان، يا ڪڏھن سائي مريڙي يا للر کان، يا ڪڏھن وڏي مٿاري تي بيٺل ڪنھن سڪل ڪوريءَ کان، يا ڪڏھن ڪنھن کري تي ڪريل ڪنھن ڏاٽي جي ڏيڍ سئو ڏندن کان، تنھنجي موٽي اچڻ جون ڳاليون ڪندو آھيان. تون موٽي ايندين، تون موٽي ايندين. تنھنجي يادن مونکي ائين ويڙھي ڇڏيو آ، جيئن ڪو ول وڻ کي ويڙھي ڇڏيندي آ.

Thar—Karonjhar✌️
Thar—Karonjhar✌️
Open In TikTok:
Region: PK
Friday 07 August 2026 03:00:15 GMT
2572
621
51
45

Music

Download

Comments

yaro.kumar8
Waryo kumar :
2026-08-24 05:26:13
0
shabookhan12
shanbo khan385 :
🥰🥰🥰
2026-09-08 22:13:26
0
terit.teirt
Terit Teirt :
❤️❤️❤️
2026-09-03 06:12:59
0
poniokumar
Veenjhraj Bheel :
🥰🥰🥰
2026-09-01 05:57:58
0
maghandas2
Maghan MOTiYANi 💔 :
♥️♥️♥️
2026-08-31 05:24:24
0
asgar.ali9588
asgar Ali :
❤️❤️❤️
2026-08-28 14:13:29
0
lalchand.sager
💐💐Lalchand 🌹🌹🌹sager 💐💐 :
💞💞💞
2026-08-26 06:47:11
0
rajaa.bhai08
rajaa bhai :
👄👄👄👄👄👄
2026-08-25 08:54:52
0
rajaa.bhai08
rajaa bhai :
💋💋💋💋💋💋
2026-08-25 08:54:42
0
rajaa.bhai08
rajaa bhai :
👌👌👌👌👌👌
2026-08-25 08:54:20
0
rajaa.bhai08
rajaa bhai :
🥰🥰🥰🥰
2026-08-25 08:53:29
0
user2060315085732
user2060315085732 :
🥰🥰🥰
2026-08-23 11:45:17
0
qayoom.laghari4
قیوم❤️لغاری :
🥀🥀🥀
2026-08-23 04:58:43
0
alamalamgmail.com8
Alam chand chohaan🌹🌹🌹🌹🌹 :
🥰🥰🥰
2026-08-22 12:17:38
0
pradeep22462
Pradeep ❤️🙏 :
😂😂😂
2026-08-20 18:15:23
0
khamiso.khaskheli44
Khamiso Khaskheli :
🥰🥰🥰
2026-08-18 10:34:27
0
mksz292
shave Lal megwar :
🥰🥰🥰
2026-08-18 05:03:15
0
imdadrajar4
imdadrajar :
❤️❤️❤️
2026-08-14 09:55:41
0
rk35674
Rk :
✌✌✌
2026-08-12 17:36:24
0
rk35674
Rk :
✌✌✌
2026-08-12 17:36:24
0
ramesh58334
ramesh :
🥰🥰🥰
2026-08-12 06:37:15
0
shakir.ali3762
Shakir Ali :
👌👌👌
2026-08-10 16:05:46
0
shakir.ali3762
Shakir Ali :
🥰🥰🥰
2026-08-10 16:05:41
0
ghulammustafabaran786
Ghulammustafabaran 786 :
❤️❤️❤️
2026-08-10 10:30:20
0
rajasthani.accoun
👑راجستانی 👑 :
🥰🥰🥰
2026-08-07 03:09:51
0
To see more videos from user @mushtak011, please go to the Tikwm homepage.

Other Videos


About