@mushtak011: 💞🙏 صحراءِ ٿر ۾ ايندڙ هر مهمان اسان لاءِ الله پاڪ جي موڪليل رحمت ۽ عزت وارو مهمان هوندو آهي. اسان ٿري ماڻهو صدين کان مهمان نوازي کي پنهنجي ثقافت، روايت ۽ سڃاڻپ سمجهندا آيا آهيون. مهمان جي خدمت ڪرڻ اسان لاءِ بار نه، پر فخر ۽ خوشي جي ڳالهه آهي. افسوس آهي جو ڪجهه ڪاروباري ماڻهو پنهنجي ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهڙو تاثر ڏئي رهيا آهن ته جيڪڏهن ڪو مهمان ڪنهن ٿري جي گهر وڃي ٿو ته هو ان تي بار بڻجي وڃي ٿو. اهڙيون ڳالهيون نه رڳو حقيقت کان پري آهن، پر سڄي ٿر جي ماڻهن جي عزت ۽ ثقافت جي به توهين آهن. اسان سڀني کي ادب سان عرض آهي ته پنهنجي روزگار لاءِ ضرور محنت ڪريو، پر پنهنجي ڪاروبار خاطر ٿر ۽ ٿري ماڻهن جي مهمان نوازي تي سوال نه اٿاريو. هر ڪنهن کي پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ جو حق آهي، پر ان لاءِ ڪنهن قوم جي سٺين روايتن کي بدنام ڪرڻ مناسب ناهي. ٿر جي سڃاڻپ رڳو واري، ٽٻا ۽ اُٺ نه آهن، پر ٿر جي اصل سڃاڻپ ان جا محبت ڪندڙ، دلدار ۽ مهمان نواز ماڻهو آهن. اسان ڪالهه به مهمان نواز هئاسين، اڄ به آهيون، ۽ ان شاءَ الله هميشه رهنداسين. ٿر جي ثقافت، محبت ۽ مهمان نوازي تي اسان کي فخر آهي. ❤️#foryoupage🙏100 #💔👍💔👍💔👍💔👍💔👍💔👍🙏✅🙏✅🙏✅🙏✅❣️❤️ #vira