@mahesh.kumar6958: ارغونن، ترخانن کان وٺي نوآبادياتي طاقتن تائين، جنهن به هن وسندڙ واهڻ کي ٽوڙڻ جي چاهت رکي، اهو پاڻ ئي تاريخ جي اونداهين گمنامين ۾ غرق ٿي ويو، جڏهن ته سنڌ پنهنجي پوري وجود ۽ شان سان قائم ۽ دائم رهي. اڄ به جيڪي ماڻهو يا طاقتون سنڌ جي سياسي، جغرافيائي يا ثقافتي وحدت کي نقصان پهچائڻ جا شوم خواب ڏسن ٿيون، انهن کي تاريخ جي انهن خالي ۽ بي نام قصرن مان سبق سکڻ گهرجي. جيسين سنڌوءَ جو سونهري پاڻي وهي ٿو ۽ جيسين هتي جي ماڻهن جي سينن ۾ غيرت ۽ وطن جي محبت جو ساهه موجود آهي، تيستائين سنڌ جي هڪ انچ کي به ڪو الڳ يا تقسيم نٿو ڪري سگهي. #fyp #foryou #foryoupage #viral #trending