جڏھن زندگي بار بار پسند جون شيون کسي
ڇڏي پوءِ ملڻ واري هر هڪ خوشي تي شڪ ٿيندو آهي.🥀
2026-08-09 13:30:06
5
Deep line🩶🫀🖤 :
@اناالله واناالیه راجعون💔🥀:محبت جي راهه ۾ نه منزل ملي، نه ئي هن دنيا ۾ سڪون سان جيئڻ نصيب ٿيو. اسان جن جذبن کي پنهنجي زندگيءَجو سڀ کان قيمتي خزانو سمجهيو، ماڻهو انهن تي کلندا رهيا. اسان جي خاموش محبت کي مذاق بڻايو ويو، طعنا ڏنا ويا، ۽ دل تي اهڙا زخم لڳايا ويا جيڪي وقت به نه ڀري سگهيو.
اسان ته بس ٿوري عمر جا ماڻهو هئاسين، جن جي هر ساهه ۾ عشق جي خوشبو هئي. اسان جا خواب به محبت سان سينگاريل هئا، ۽ دل جون سڀ دعائون به هڪ ئي نالي سان وابسته هيون. پر قسمت شايد اسان جي خوشين کان ناراض هئي.
اسان جنهن کي پنهنجو سمجهيو، اهو به وقت جي وهڪري ۾ اسان کان پري ٿي ويو. نه پيار مليو، نه ئي دنيا جي خوشين ۾ ڪو حصو نصيب ٿيو. هر خوشي اڌوري لڳي، هر محفل ويران محسوس ٿي، ۽ هر رات اکين ۾ بي شمار يادون کڻي آئي.
اڄ به جڏهن ماضي جا ورق کلي وڃن ٿا، ته دل خاموشيءَسان روئي پوي ٿي. ڪجهه محبتون نصيب ۾ ملڻ لاءِ نه هونديون آهن، پر سڄي عمر ياد رهڻ لاءِ هونديون آهن. اسان به اهڙي ئي محبت جا مسافر آهيون، جيڪي منزل کان سواءِ سفر ڪندا رهيا، ۽ آخرڪار يادگيرين جي صحرا ۾ اڪيلا رهجي وياسين.
2026-08-10 09:53:29
1
Baghi sabir hussain :
زندگيءَ۾ سڀ کان وڌيڪَڏکيو ڪم ڪھن کي وسارڻ آهي
پر اُهو نا ممڪن آهي اسان چاهيندين به ڪنهن کي وساري نٿاسگهون ڇا ڪاڻ ته اُهو اسان جي وس ۾ ناهي
2026-08-11 05:56:06
1
📎لاحاصل محبت🥀 :
پاڻ سان ٿيل حادثن جا قصا ئي ته سڀ کان ڳرا هوندا آهن.
ٻين کي ٻڌائجي ته سمجهندا ئي ناهن،
۽ نه ٻڌائجي ته پاڻ اندر ئي اندر رهجي وڃن ٿا.
محبتن کان خالي ماڻهن جي ميڙ ۾، عشق جي ڳالهه ڪرڻ ائين آهي جيئن گونگن جي شهر ۾ شاعري ڪرڻ