@rebellioussindhi: بشير خان قريشي شايد ئي ڪو سنڌي قومپرست اڳواڻ اهڙو هجي، جيڪو بشير خان قريشي جهڙو عوام جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي سگهيو هجي. بشير خان قريشي صرف هڪ اڳواڻ جو نالو نه، پر سنڌ سان محبت، پنهنجي ڌرتيءَ سان وفاداري ۽ پنهنجي قوم جي حقن لاءِ بي خوف آواز جو نالو هو. عام سنڌي، ڀلي اهو رياست جو حامي هجي يا ان جو غلام، اهو به بشير خان قريشي جي شخصيت ۽ سندس اڳواڻيءَ کان انڪار نٿو ڪري سگهي. ڇو ته ڪجهه شخصيتون اختلافن کان مٿي هونديون آهن؛ انهن جو قد سندن مخالفن جي اعتراف سان به ماپيو ويندو آهي. بشير خان قريشي هڪ نِڊر، بهادر ۽ بيباڪ شخصيت هو، جنهن پنهنجي سوچ، پنهنجي نظرئي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان وابستگيءَ کي زندگيءَ جو حصو بڻايو. اهڙيون شخصيتون وقت سان گڏ ختم ناهن ٿينديون، پر وقت گذرڻ سان وڌيڪ ياد ڪيون وينديون آهن. اڄ به سندس نالو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هڪ اهڙي آواز طور زنده آهي، جنهن کي خاموش ڪرڻ آسان نه هو. جسم ختم ٿي سگهي ٿو، پر سوچ، نظريو ۽ قوم جي دلين ۾ پيدا ٿيل محبت ختم نٿي ڪري سگهجي. 10 آگسٽ — شهيد بشير خان قريشي جي جنم ڏينهن جي سالگرهه ❤️🚩 #bashirkhanqureshi #sindhisong #sindhistatus #sindhi #sindhiwrites