@1.2.9.jamro: سوڀوديرو لڳ ڳوٺ وزير ڄامڙو جي رهواسي رٽائرڊ فوجي فرمان علي ڄامڙو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته حضور بخش ميمڻ ۽ ان جي هاري غلام محمد بروهي جون موٽر 17 تاريخ تي چوري ٿيڻ واري معاملي ۾ بنا ڪنهن ثبوت جي رٽائرڊ فوجي فرمان چيو ته الزام لڳايو پيو وڃي، جيڪو سراسر بي بنياد ۽ ناانصافي تي ٻڌل آهي رٽائرڊ فوجي فرمان علي ڄامڙو چيو ته موٽر چوري واري واقعي سان مان يا ۽ منهنجي پٽن جو ڪو به تعلق ناهي، ان باوجود حضور بخش ميمڻ پاران مٿن شڪ ۽ الزام لڳائڻ افسوسناڪ عمل آهي. هن چيو ته جيڪڏهن حضور بخش ميمڻ وٽ ڪو پڪو ثبوت موجود آهي ته اهو لاڳاپيل پوليس يا قانوني ادارن اڳيان پيش ڪيو وڃي، جيئن حقيقت سامهون اچي سگهي. فرمان علي ڄامڙو وڌيڪ چيو ته ”جيڪڏهن حضور بخش ميمڻ منهنجي يا منهنجي پٽن خلاف موٽر چوري جو ڏوهه ثبوتن سان ثابت ڪري ڇڏي ته مان قانون موجب هر قسم جي ذميواري ڀرڻ لاءِ تيار آهيان.“ هن مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي اصل جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته بنا ثبوت ڪنهن به شهري تي الزام لڳائڻ سان نه رڳو سندس عزت ۽ ساک متاثر ٿئي ٿي، پر علائقي ۾ بيچيني پڻ پيدا ٿئي ٿي. رٽائرڊ فوجي فرمان علي ڄامڙو پوليس ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته 17 تاريخ تي ٿيل موٽر جي چوري واري واقعي جي مڪمل جاچ ڪري حقيقتون عوام آڏو آنديون وڃن ۽ ڪنهن به بيگناهه شخص کي هراسان ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

@KN kamran. 15
@KN kamran. 15
Open In TikTok:
Region: PK
Tuesday 18 August 2026 10:25:52 GMT
1390
185
0
46

Music

Download

Comments

There are no more comments for this video.
To see more videos from user @1.2.9.jamro, please go to the Tikwm homepage.

Other Videos


About