ڪي محبتون اهڙيون به هونديون آهن جن جو ڪو نالو ناهي هوندو، پر انهن جو درد سڀ کان وڌيڪ هوندو آهي. هڪ طرفي محبت، جنهن ۾ اسين ان کي پيار ڪندا آهيون جنهن کي شايد اسان جي وجود جي به خبر ناهي.
اسان پنهنجن خوابن جي دنيا ۾ کين بادشاهه بڻائي رکيو آهي، پر حقيقت ۾ اهي اسان کان ايترو پري آهن جيترو آسمان زمين کان. اسان جي محبت جو ثبوت صرف اسان جي اکين جا لڙڪ ۽ راتين جي اڪيلائي آهي. اسان کي خبر آهي ته هو ڪڏهن به نه ايندا، پر پوءِ به انتظار جي ديوارن کي اسان پنهنجن اميدن جي سرن سان اڏيندا رهون ٿا.
ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته هيءَمحبت آهي يا سزا؟ جيڪا نه ختم ٿئي ٿي ۽ نه ئي ڪنهن کي ٻڌائي سگهجي ٿي. بس هڪ لڪل درد آهي جيڪو منهنجي روح ۾ هميشه لاءِ قيد ٿي ويو آهي. 🥀🌑
2026-08-19 14:00:01
0
To see more videos from user @kaneezfatima377, please go to the Tikwm
homepage.