@emotional.words123: :*اڻپوري محبت جي درد ڀري ڪهاڻي* محبت هڪ اهڙي اجنبي، خوبصورت ۽ دلعزيز انسان سان ٿي، جنهن کي وسارڻ منهنجي وس ۾ ناهي، پر کيس حاصل ڪرڻ منهنجي قسمت ۾ به ناهي. سندس ياد منهنجي دل ۾ اهڙي طرح گهر ڪري ويٺي آهي، جو هر پل سندس خيال منهنجي ساٿ ۾ رهي ٿو. مان هڪ عورت آهيان، آخر ڇا ڪري سگهان ٿي؟ نه پنهنجي دل کي سمجهائي سگهان ٿي، نه قسمت سان وڙهي سگهان ٿي. بس ڪڏهن اڪيلائيءَجي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي، پنهنجي درد کي ڳوڙهن جي زبان ۾ بيان ڪري وقت گذاري ڇڏيندي آهيان. ڪجهه محبتون منزل ناهن بڻجنديون، رڳو دل جي هڪ اڻپوري ڪهاڻي بڻجي وينديون آهن. اهڙيون ڪهاڻيون جن ۾ انتظار هوندو آهي، يادون هونديون آهن، حسرتون هونديون آهن، پر وصال نه هوندو آهي. ۽ سڀ کان وڌيڪ ڏک تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن انسان ڪنهن کي دل جي گهرائين سان چاهي، پر قسمت سندس نالي اڳيان **"ناممڪن"** لکي ڇڏي# viral # video.... sadness and #sadpoetry ........