@writesdeewansahawani: واعدا ۽ وچن سڀ اڄ به دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ محفوظ آهن، هر اهو لفظ ياد آهي، جيڪو ڪڏهن وڏي يقين سان چيو ويو هو. چيو ويو هو ته حالتون ڪهڙيون به هجن، ساٿ نه ڇڏينداسين، وقت ڪيترو به بدلجي، هڪ ٻئي کان پري نه ٿينداسين. پر وقت جڏهن پنهنجو رنگ ڏيکاريو، ته سڀ ڪجهه بدلجي ويو، واعدا لفظن تائين محدود رهيا ۽ وچن خاموش ٿي ويا. اسان ته هر ڳالهه کي سچ سمجهي دل سان نڀايو، پر سامهون واري شايد اهي ڳالهيون وقت گذارڻ لاءِ ڪيون هيون. اڄ به ڪڏهن اڪيلائي ۾ اهي لفظ ياد اچن ٿا، ته دل چوي ٿي، ڪاش وعدا صرف لفظ نه هجن ها، ڪاش وچن وقت سان گڏ وسري نه وڃن ها، ۽ ڪاش جيڪي ماڻهو هميشه ساٿ ڏيڻ جو چوندا آهن، سي واقعي آخري گهڙي تائين ساٿ نڀائين ها.