زمين جو چرخو تمام خطرناڪ آ جي توھان ڪنھن کي وساريو ته توھانجي به ڪا اوقات ناھي ۽ جي توھانکي ڪنھن ٻئي وساريو ته به توھانجي ڪا اوقات ناھي، ڇو تہ خدا به ياد ڪرڻ وارن کي ئي ياد ڪندو آ ، ائين ملڪ کي قوم کي پنھنجي حسب نسب کي پنھنجي ذات پات ۽ تاريخ کي ھر حالت ۾ توھان کي ئي ياد ڪرڻو آھي، نه تہ توھان به الائي ڪير؟ ڇوته دنيا به قبرستان آ سئو سالن کان پوءِ توھانجي ئي قبر ۾ ڪو ٻيو بہ دفن ٿيندو، ائين زمين کي به ھزار سالن کان پوءِ به ڪو ٻيو اچي آباد ڪندو ، ھاڻي توھان پاڻ ئي ٻڌايو ته پنھنجي بقا کي ياد ڪرڻ ڪيترو آسان آ ۽ پنھنجي بقا کي بچائڻ ۽ ھميشه زندھ رکڻ ڪيترو ڏکيو آ، ائين فيصلو پاڻ ئي ڪيو ته سنڌين جي يعني توھان ۽ اسانجي اڄ ڪھڙي ۽ ڇا حالت آ.