@_iyaaku06: #arabicsong #pageforyou #foryou #fyp

🥀
🥀
Open In TikTok:
Region: ID
Sunday 30 August 2026 04:06:56 GMT
16727
2264
1
118

Music

Download

Comments

rita_10.8
Rita🌷 :
Aamiin
2026-08-31 02:48:44
0
To see more videos from user @_iyaaku06, please go to the Tikwm homepage.

Other Videos

چوماسي واري چنچل مُند ۾ سانوڻ جي شروعاتي تاريخن ۾ ٽيج تٿ تي ملهائي ويندڙ ٽيجلڙي ڏاڍو سندر ڏڻ آهي. رتن جڙاءِ رکڙين ۾ روپيل روپونتيون هن ڏڻ تي ڏاڍيون سرهيون هونديون آهن. هي تهوار خاص ڪري عورتن ۾ گهڻو مقبول آهي. هن ڏينهن تي سامروٽي کان وٺي مارواڙ ديش (راجسٿان) تائين مرگهه نيڻن واريون پدمڻيون پيرن ۾ ڇيلڪڙا پائي، ڀنڀن ۾ باک ڀنا رابيل روپي، ٻانهُن ۾ ٻاجُو ٻند جهومائي راسوڙا ۽ لوڪ گيت ڳائينديون آهن. ٽيجلڙي جي رنگ منچ وارا سڀئي سُندر رنگ تڏهن نِکرندا آهن جڏهن سانوڻ جو مينهن ڀرپور وسندو آهي. هر هند ساوڪ هوندي آهي. ٽوڀا تار هوندا آهن. سمورو مروڌو ڏيهه ڦولڙن سان ڇانيل هوندو آهي. پلر پالوٽون ڏيئي پدمڻين جا پير چمندو آهي. مور مستيون ڪندا آهن. تڏهن هي سرامڻ جي پهرين ٽيج تمام رومانٽڪ رنگن ۾ رنگجي ويندي آهي. سانوڻي ٽيج وارين سندر رسمن ۾ ڀٽائي جي سر سامونڊي وارو ساءُ به ملي ٿو. هن ڏينهن تي سرتين جي سينن ۾ ساجن جي سڪ جو درياءُ پور چڙهندو آهي. ملن جي جوار ڀاٽا نس نس مان نروار ٿي پوندي آهي. جن جا وَر هن رُت ۾ گهر نه هوندا آهن انهن جي اندر ۾ آند ماند جو طوفان اُٿندو آهي ۽ ور سان ورونهن لاءِ ولکي ورلاپ ڪنديون آهن. ٽيج آوي ري سهيليان، جيڏليان رو تهوار، جڻ رو والمو گهر نهين، اوئان سين ڪڻ وهنوار. (اي سرتيون! ٽيج آئِي آهي، جيڏين جو کيڏڻ وارو تهوار آهي. هن ڏينهن تي جنهن جو ور گهر نه هوندو ان تي ڇا گذرندو آهي ٽيجلڙي جي تهوار تي وڻجارن لاءِ ورلاپ ڪندڙ ونين جو قسم هي ڏڻ لاڙي لهجي جهڙو وڻندڙ آهي. هونئن ته هندو سڀيتا جا سڀئي ڏڻ، تهوار، ۽ پرٻ وڏا آهن، ديپاولي جي اُجالن ديپن کان وٺي هولي جي حُلواڻيل رنگن تائين سڀني ڏڻن جي پنهنجي الڳ الڳ مهانتا آهي پر سڀني کان سُندر سهائي ٽيج وارو پرٻ آهي جنهن تي عورتون خصوصن خوش هونديون آهن. وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائينديون آهن. هن ٽيج جي تهوار کي هريالي ٽيجڙي به چيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته هي چوماسي جي مند ۾ هوندي آهي بارش وسڻ ڪري هرهنڌ ساوڪ يعني هريالي هوندي آهي. هن ڏينهن تي ڇوڪريون ٽيجڙي ماتا جو ورت رکنديون آهن. اهڙو ورت جنهن ۾ صرف اَناج ناهن واپرائينديون. سانوڻ جي مهيني کي هندو ڌرم ۾ ورتولن وارو مهينو چيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته سانوڻ ۾ سهائي ٽيج کان وٺي اونداهي اٺم تائين مختلف تِٿن (تاريخن) تي وِرت (روزا) رکيا ويندا آهن. هي مهينو هندو ڌرم ۾ ان ڪري به مهانتا رکي ٿو جو هن ئي مها مهيني ۾ گيتا جهڙو امر اپديش ڏيندڙ ڀڳوان شري ڪرشن جو جنم مُبارڪ ٿيوهو. شري ڪرشن جي جنم شڀ تي جنم اشٽمي ملهايو ويندو آهي جنهن کي ڍاٽڪي ۾ ڪانهوڙو چوندا آهن. ڪانهوڙو سڀني وِرتن جي انت ۾ ملهايو ويندو آهي. سانوڻ جي پهرين ٽيج اچڻ سان سرتين ۾ خوشي جي لهر اٿيندي آهي. هي تهوار عورتون خاص ڪري پيڪين گهر ملهائينديون آهن. جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ساهرن ۾ هوندي آهي ته ان جا مائٽ هن کي ڪوٺڻ ايندا آهن. جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ڪنهن مجبوريءَ سبب مائٽن کان ڪوٺجي نه سگهي ته هن ڏڻ تي ڏوراپا ڏيندي آهي ۽ چوندي آهي بقول مرچو ورتيو جي ته؛ بيرا منان بيگو تيڙڻ آئي، آوي سرامڻ ري ٽيج ري، هون تو جهولان وڙلي، ٻڌوڙي هينڏ ري. (اي ڀاءُ! مون کي جلدي وٺي وڃ، سانوڻ جي ٽيج آئي آهي. وڻ ۾ ٻڌل پينگهه ۾ لڏڻ لاءِ مُنهنجو من تڙپي ٿو). هي تهوار ٿر ۽ مارواڙ (راجسٿان) ۾ خاص طور تي مشهور آهي. ڍاٽ ۽ مارواڙ جي تهذيب ۽ تمدن لڳ ڀڳ هڪ جهڙي آهي. راسوڙن واري رمڻيڪ ريت کان وٺي ڏانڊيي راند تائين سڀئي سڀيتائون هڪ گريٽر سنڌ جي گواهي ڏين ٿيون. سانوڻي رت جي مڌر ماحول ۾ ملهائي ويندڙ ٽيجڙي جو پس منظر تمام رومينٽڪ هوندو آهي. چوڙيلين جي ميندي رتن هٿن ۾ چوڙين جي جهنڪار، سرتين جا سئو سئو سينگار، پن پاتلين اکين ۾ ڪجل ريک جي ڌار ۽ جوڀن جا کل کيٽا هن تهوار کي تمام خوبصورت بڻايو ڇڏين. چنچل روپي ڇوڪرين جي ڇڙواڳي تڏهن ويتر وڻندي آهي. جڏهن هينڏ (پينگهه) ۾ لڏنديون آهن. نم، ڪنڊي يا ديوي جي وڻ ۾ ٻڌل پينگهه ۾ لڏندڙ پدمڻيون هر لوڏي تي وڻ جي ٽاريءَ کي ڇهڻ جي چٽا ڀيٽي ڪنديون آهن. جنهن کي ساسو جي سونڪڻي چيو ويندو آهي. جڏهن ڪا ساهڙي ٽاريءَ کي ڇهندي آهي تڏهن ٻيون سڀئي سرتيون کِل ۾ ويڙهجي وينديون آهن ۽ هن جا محبت ڀريا رومانوي ڀوڳ ڪنديون آهن. ٽيجلڙي جي تهوار تي هر سرتي جي هِردي ۾ ساجن جي سڪ جو ساگر ڇوليون هڻندو آهي. ڍولي جي ڇڪ اندر ۾ اڃ اُساٽ پيدا ڪندي آهي. جڏهن سڀئي سرتيون آڀي ۾ اُڏامندڙ سرمئي بادلن جهڙا بانورا ويس وڳا پائي . هڪ ٻئي سان هٿڙا ملائي تاڙين جي تڙاپ ۾ راسوڙن تي رقص ڪنديون آهن تڏهن هر جوان وجود جي جيءَ ۾ ڪانڌ سان ڪچهري ڪرڻ واري تمنا ڪارونجهر جئين ڪر کڻندي آهي. نوجواني جي نبور عشق ۾ آرس موڙيندي انگ انگ مان ارگت وهي ويندو آهي. پوءِ ارهه ڏيئي اِيس ڀڄڻ واري من ڀاونا پيئان پيئان ته به نه ڍاپان واري حيرت ڪندڙ حد تي پڄندي آهي. امر رائسنگه راجپوت.

About