@abdul.waheed.sind70: ڪلھ کان وٺي سوشل مڊيا تي بابراعظم جي آئوٽ ٿيڻ ۽ آرچر جي بائونسر جو بحث پيو هلي ۽ بابراعظم تي ٺٺول پئي ٿي پر ٿورو هن تصوير تي ب غور ڪيو ۽ ڏسو ت ڪرڪيٽ دنيا ۾ ڇا ڇا ٿي وڃي ٿو ڪرڪيٽ ۾ اهڙا لمحا ب ايندا آهن جو چڱا ڀلا رانديگر بالرن جي خطرناڪ بالنگ سامهون پاڻ سنڀالي ب نٿا سگهن ۽ وڃي پٽ تي پون تا بابراعظم ڪافي دفعا ڪرڪيٽ دنيا جي خطرناڪ بالرن جي خطرناڪ يارڪرن کي ن صرف آساني سان ڊفينڊ ڪيو پر وڏي اعتماد سان بائونڊريون تائين بال پهچايو باقي ڪرڪيٽ ۾ هر وقت بالرن ۽ بيٽسمينن وچ ۾ اهڙا حساس لمحا ايند رهندا آهن پر هتي ماڻهن جي ذهنن جي فرق آ جيڪي بغز بابر ۾ ورتل آهن اهي ٻين جي وڏن وڏن مسئلن کي اهو چئي ننڍو سمجهن ٿا ت ڪرڪيٽ راند ئي اهڙي آهي اها ڪا نئين ڳالھ ناهي پر جڏهن بابراعظم کي پچ تي ٿوري گهڻي مشڪلات پيش اچي ٿي ۽ هو ناڪام ٿئي ٿو ت ساڳيا ماڻهو ان تي وڏو ٻڙڌڪ مچائي واويلا ڪري بابراعظم تي ٺٺول ڪن ٿا ان کي چئبو آهي منافقت جو اعلي نمونو✍️😏💯🫡