@udasthrinhorisab470: Replying to @liaquatali3868w ڪر ڪا پچار پرچڻ جي… ڪر ڪا پچار پرچڻ جي، جاني، ڇڏ رسڻ واري ريت… تنهنجي هر ناراضگيءَ اڳيان مون پنهنجي انا، ضد ۽ شڪايتون سڀ هٿ ٻڌي هارايون آهن. مون ڪڏهن تنهنجي محبت کي جنگ نه سمجهيو، پر خبر ناهي ڇو هر ڀيري تون کٽندو رهين ۽ مان هاريندو رهيس. تنهنجي خاموشيءَ کي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪيم، تنهنجي بي رُخيءَ کي به قسمت سمجهي برداشت ڪيم، ڇو ته دل کي تنهنجي وڃائڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪو به درد قبول نه هو. هاڻي به ڪا شڪايت ناهي توسان، رڳو ايتري التجا آهي— جيڪڏهن منهنجي محبت ۾ اڃا به ڪا سچائي باقي آهي، ته هڪ ڀيرو دل جي دروازي تي اچي دستڪ ڏي… شايد هيءَ خاموش دل، اڄ به تنهنجي هڪ لفظ سان پنهنجا سڀئي گِلا وساري ويهي. 🖋️💔🙏🌹نھڙي صاحب 🌹🙏💔🖋️