@liyariactioncommittee1: Liyari Action committee 💯 👆 دوڙ: ڀرسان ڳوٺ لياري جي گرلز پرائمري اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف شاگردن ۽ ڳوٺاڻن جو احتجاج، ٽائيم نيوز دوڙ: ڀرسان گرلز پرائمري اسڪول لياري جي شاگردن ۽ لياري ايڪشن ڪميٽي جي صدر صلاح الدین بلوچ نائب صدر نعيم بلوچ جنرل سيڪريٽري سعيد ناصر جوائنٽ سيڪريٽري راشد منهاس، بلال حڪيم، محمد اسلم ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري رهيا آهن ان ڪري ڪنھن به وقت ڪو وڏو نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي اسڪول ۾ شاگرد جو تعداد وڌيڪ آهي جن کي پڙهائڻ لاءِ ٽيچرز گهٽ آهن وڌيڪ ٽيچر ڏنا وڃن فرنيچر نه هجڻ ڪري شاگرد زمين تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ٻيون لازمي سهولتون نه هئڻ ڪري شاگرد مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول ۾ سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو