@emotional.words123: منهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻيءَ ۾ مون پاڻ کي ئي بي وفا لکيو، ڇاڪاڻتہ حقيقت اها هئي ته ڏوهه صرف منهنجو نه هو. حالتون به ڏوهاري هيون، قسمت به خاموش هئي، ماڻهو به بدلجي ويا هئا، پر منهنجي دل هر ڀيري پنهنجو ئي احتساب ڪندي رهي. مون هر تڪليف جو الزام پاڻ تي وڌو، ڄڻ منهنجو وجود ئي هر وڇوڙي جو سبب هجي. ڪڏهن تنهنجي وڃڻ جو ڏک منهنجي ساهن کي ساڙيندو رهيو، ته ڪڏهن پنهنجي جيئري هجڻ جو احساس به مون لاءِ بوجھ بڻجي ويو. منهنجي اندر هڪ اهڙي جنگ هلندي رهي، جنهن ۾ نه ڪا فتح منهنجي هئي، نه ڪا هار منهنجي. هر ڏينهن پاڻ سان وڙهندو رهيس، ۽ هر رات پنهنجي ئي خاموشين وٽ هارائيندو رهيس. وفائون هارائي ويون، غم کٽي ويو. منهنجي دل جي دنيا تنهنجي هٿان ايترو ته اجڙي، جو منهنجون سڀ شوخيون، کلون، ٽهڪ ۽ بي فڪري تنهنجي وڇوڙي جي باهه ۾ ساڙي خاڪ ٿي ويون. جيڪو روح ڪڏهن کلندو، مرڪندو ۽ زندگيءَ سان ڀرپور هوندو هو، اڄ اهو خاموش قبرستان بڻجي ويو آهي. هاڻي منهنجي اندر نه خوشين جا گل آهن، نه اميدن جا ڏيئا. صرف غم، وحشت، اڪيلائي ۽ پڇتاءُ جا پاڇا رهجي ويا آهن. مان هڪ اهڙي اڌوري، بکريل ۽ اجڙيل زندگي کڻي هلان ٿو، جنهن ۾ هر ساهه سان تنهنجي ياد جي تڪليف شامل آهي. پر سڀ کان وڏو سچ اهو آهي ته تون منهنجي زندگيءَ جي اها ضرورت آهين، جنهن کان سواءِ منهنجو وجود ئي اڌورو محسوس ٿئي ٿو. مون پاڻ کي گهڻو سمجهايو، وسارڻ جون هزار ڪوششون ڪيون، پر دل هر ڀيري تنهنجي نالي تي اچي بيهي رهي. لڳي ٿو جيڪڏهن تون منهنجي سوچن مان نڪري وئين، ته منهنجي ساهن جو سلسلو به ان ئي گهڙيءَ ختم ٿي ويندو. ڪي محبتون نصيب ناهن ٿينديون، پر انسان جي روح ۾ هميشه لاءِ رهجي وينديون آهن. انهن جو درد وقت سان گهٽ نٿو ٿئي، بلڪه خاموشيءَ جي صورت ۾ دل جي هر ڌڙڪن سان گڏ جيئندو رهي ٿو. #FYP #Emotional #SadLove #HeartTouching #BrokenHeart