@habibbalushi1: لاڙڪاڻو: ڪجهه ڏينهن پهريان شهدادڪوٽ رهواسي عاشق مگسي ٿرڙي محبت جي رهواسڻ ممتاز بروهي جي گهر واري 5 ٻارن جي ماء سان جعفرآباد جي عدالت ۾ نڪاح جي مٿان نڪاح ڪيو هيو ۽ سنڌ ۾ بروهي برادري جي چڱي مڙس سردار محمد امين مينگل ۽ سندس فرزند مير علي رضا خان مينگل جي خلاف ميڊيا ۾ ڪجهه نازيبا لفظ استعمال ڪيا هيا، ان حوالي سان اڄ مينگل پئيليس لاڙڪاڻي ۾ مگسي برادري طرفان پاڪ قرآن ۽ چڱا مڙس جنهن ۾ چيف مقدم رئيس سبڙ خان مگسي،رئيس خان محمد مگسي،لال خان مگسي، عاشق مگسي جو والد خدا بخش مگسي ۽ ٻيا معززين ميڙ کڻي پهتا، جنهن تي سردار محمد امين مينگل قرآن پاڪ ۽ چڱن مڙسن کي مان ڏيندي نازيبا لفظ ڳالهائڻ واري حرڪت کي معاف ڪيو ۽ مگسي برادري کي ڪجهه ڏينهن جي مهلت ڏيندي چيو ته پهريان مگسي برادري بروهي برادري جي ٻانهن واپس ڪن تنهن کانپوء بعد جون ڳالهيون بعد ۾ ڪيون وينديون۔ #highlightseveryonefollowers #Mengal #foryouシ #Brohi #Larkana @highlight DIGP Larkana Range Mir Ali Raza Amin Mengal Brohi